اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اپوزيشن ليڊر عمر ايوب سميت تحريڪ انصاف جي ٻين اڳواڻن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر، عمر ايوب ۽ ٻين خلاف قلم 144 جي ڀڃڪڙي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت پيش نه ٿيڻ تي عمر ايوب، عامر ڊوگر ۽ عامر مغل جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، عدالت شعيب شاهين ۽ بئريسٽر گوهر جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪئي، ٻڌڻي 23 اپريل تائين ملتوي، پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف آءِ نائين ٿاڻي تي 2 ڪيس داخل آهن.