حيدرآباد (بيورو رپورٽ) عمرڪوٽ ضلعي ۾ فوڊ کاتي ۾ 5 ھزار ڪڻڪ جي ٻورين جي خردبرد واري ڪيس ۾ فوڊ انسپيڪٽر امين نوھڙي جي اينٽي ڪرپشن جي عدالت پڪي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. ان سلسلي ۾ حيدرآباد جي صوبائي اينٽي ڪرپشن جي اسپيشل جج سيد خليل انور حسين جعفري جي عدالت ۾ جوابدار امين نوھڙي پنھنجي وڪيل ذوالفقار عباسي معرفت ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي ھئي. جوابدار امين نوھڙي تي 2023ع دوران پنهنجي سينٽر ۾ 5 ھزار ڪڻڪ جي ٻورين جي خردبرد ڪرڻ جو ڪيس داخل ٿيو ھو. جوابدار پاران لاڳاپيل عدالت کان ڪچي ضمانت حاصل ڪئي وئي ھئي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد سندس پڪي ضمانت منظور ڪري ورتي آھي.