عمرڪوٽ (رپورٽ:الياس ٿري) عمرڪوٽ ۾ انتھائي ڏکوئيندڙ واقعو گٽر نالي جي صفائي ڪندي صفائي ڪندڙ عملي جا 2  ڄڻا ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت ۽ 2 ڄڻا بيهوش ٿي ويا، ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد ريفرر تفصيل موجب عمرڪوٽ شھر جي منون مالهي پاڙي ۾ گٽر نالي جي صفائي ڪندي 2 صفائي ڪندڙ نوجوان راج ولد اشوڪ ۽ سورج ولد لوڻيو مارواڙي ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿي ويا، جڏھن ته 2 ڄڻا روي ۽ چمن مارواڙي ساهه ٻوساٽجڻ سبب بيهوش ٿي ويا، اطلاع تي آس پاس جي ماڻھن ۽ صفائي ڪندڙ عملي جي ٻين ملازمن واقعي واري ھنڌ پھچي لاش ۽ بيھوش ٿيندڙ نوجوانن کي سول اسپتال عمرڪوٽ پھچايو جتي بيهوش ٿيندڙن کي فوري طبي امداد ڏيڻ بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد ريفرر ڪيو ويو آھي، فوتي ۽ بيهوش ٿيندڙ چارئي ڄڻا مارواڙي پاڙي عمرڪوٽ جا رهواسي ۽ مونسيپل ڪاميٽي ۾ صفائي ڪندڙ عملي جا ملازم هئا جيڪو گٽر نالي جي صفائي ڪرڻ منون مالهي پاڙي ويا هئا فوتي ٻنھي نوجوانن جا مڙھ گھر پھچڻ تي گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ ماحوال سوڳوار ٿي ويو جڏھن ته متاثرين جي گھر ڪوبه ذميوار عملدار توڙي چونڊيل نمائندو نه پھتو آھي