عمرڪوٽ(رپورٽر) عمرڪوٽ جي ڳوٺ نور محمد منڱريو جو رهواسي گھوٽ قربان عزيز منڱريو ڪئنالن خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ پريس ڪلب عمرڪوٽ پھچي ويو، ڄڃ وٺي ويندڙ گھوٽ ڄڃ سميت پريس ڪلب پھچي ڪئنالن خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرائي نعري بازي ڪئي پريس ڪلب آڏو موجود ماڻھن به ساٿ ڏيندي ڪئنال سمورا نامنظور جا نعرا ھنيا ان موقعي تي گھوٽ قربان عزيز منگريو چيو ته اسانجون خوشيون به درياءَ بادشاھه مھراڻ جي موجن سان لاڳاپيل آھن فوري طور ڪئنال منصوبو رد ڪيو وڃي.