عمرڪوٽ(رپورٽر)وڪيل اڳواڻ لالا ڀيل نيڻو مل پريتم ڀيماڻي رتن ڀيل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بااثر روينيو عملدارن ۽ کوکراپار پوليس خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.مظاهرين جو چوڻ هو ته بااثرن حملو ڪري جميعت سجنا ۽ پٺاڻي ڀيل کي شديد زخمي ڪيو پر پوليس ڪيس داخل ڪرڻ لاء تيار ناھي اھي ڪپلور ڳوٺ ڀيل پاڙو تي قبضو ڪرڻ چاھين ٿا انصاف فراھم ڪيو وڃي ھنن الزام ھنيو ته پوليس ونگار بڻجي بااثرن جي چوڻ تي اسان مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آھي اسان سان وڏو ناحق ٿيو آھي اعلي اختياريون نوٽيس وٺن ٻئي طرف ڪپلور واسي ڀيل برادري جي کمون ڀيل مريد ڀيل پريس ڪلب پھچي چيو ته نيڻو مل رتن ڀيل ۽ ٻيا ڪوڙ ٿا ڳالھائين دراصل اھي پاڻ اصل قديمي رھواسين کي لڏائڻ ۽ پاڻ قابض ٿيڻ چاھين ٿا ھاڻ اجايا الزام ھڻي رھيا آھن ڊي سي ايس ايس پي ۽ اختياريون معاملي جي جاچ ڪرائين پاڻھي حقيقتون سامھون اچي وينديون.