عمرڪوٽ(رپورٽ: الياس ٿري/اوي گوسوامي/انيل ڪمار مڪواڻا) اين اي 213 تي ننڍي چونڊ جو جلوسن جلوسن جو سلسلو پڄاڻي تي پھتو، عمرڪوٽ ۾ پي ٽي آءِ جي ڊي اي ۽ دريا بچايو ڪميٽي جو آزاد اميدوار لال مالھي جي حمايت ۾ جناح پارڪ لڳ عوامي پاور شو عوام جو وڏو تعداد شريڪ، ان موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي جي ڊي اي اڳواڻ پير صدرالدين شاهه راشدي چيو ته سنڌ جو عوام اوهان سان گڏ بيٺو آهي، هي هجوم ڏسي  سنڌ مخالفن کي تڪليف ٿيندي پاڻي هوندو ته ئي سنڌ آباد ٿيندي، توهان جون زمينون آباد ٿينديون ٻارن جو مستقبل روشن هوندو، سنڌ ۾ پاڻي نه پهتو ته ٻهراڙين سان گڏ شهري علائقن ۾ به ڪربلا جهڙي صورتحال پيدا ٿيندي، ھن چيو ته فارم 47 سان آئيني سيٽون تبديل ڪيون ويون نه عدليه ۽ نه ئي فيصلا قانون رڳو دستاويزن تائين محدود آهي، ڪارپوريٽ فارمنگ آفريڪا کي تباهه ڪري ڇڏيو، هاڻي هن سنڌ کي ڊاهڻ جو مشن تيار ڪري ورتو آهي، اسان چار ڀائر آهيون، سنڌ رڳو يتيم صوبو آهي، هاڻي زرداري کي ٻاهر ڪڍو، ان کان پڇو ته هن غلط فيصلو ڇو ڪيو زرداري وڏو بهروپيو آهي، سنڌ 70 سيڪڙو بجيٽ ڪمائي ڏيئي رهي آهي وقت اچي ويو آهي ته کيس ريمانڊ تي اڇلايو وڃي مان وڪيل برادري جو ٿورائتو آهيان، جن پاڻي جي مسئلي تي آواز اٿاريو ، ارباب غلام رحيم جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته لال مالهي خوشقسمت اميدوار آھي جنھن سان سنڌ جون سموريون جماعتون ۽ عوام متفق ٿي گڏ بيٺل آھي، جن لال جي حيثيت پئي پڇي انھن کي اها ڳالهه ڳچيءَ ۾ پئجي وئي آھي ۽ سنڌ جو عوام لال سان گڏ آھي،  مون پنھنجي دور ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا پر هن وقت هنن ڀينگ ڪري ڇڏي آھي، ڪالاباغ ڊيم تي سياست ڪئي ۽ مون تي الزام لڳايا مون ڪالاباغ ڊيم تي اسٽينڊ ورتو، جيڪو سنڌ جي مفاد جي خلاف هو ڪالاباغ ڊيم کان وڌيڪ ڪئنال خطرناڪ آھي، ان سان اسان جو پاڻي چوري ٿيندو، ڊائريڪٽ درياھ مان پاڻي چوري ڪيو ويندو، 90 ۾ پاڻي ورهاست تي دانهون ڪيون ويون پر اها سنڌ جي مفاد جي ڳالھ هئي اسان ڪڏھن به سنڌ جو سودو ناهي ڪيو پرويز مشرف مون کي چيو ته تون اسان جو وزيراعليٰ هوندي نٿو مڃين پر آصف زرداري منهنجي ڳالھ رکي ڪالاباغ ڊيم جو حامي آھي آصف زرداري کي شھيد راڻي ڪالاباغ ڊيم کان انڪار ڪيو ۽ چيو ته پيءُ منھنجو شھيد ٿيو آھي يا تنهنجو آصف زرداري سودا ڪرڻ جو ماهر آھي، مخدوم زين قريشي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي چيو ته هي چونڊ عام ناهي هي ريفرنڊم آھي 213 سان منهنجو تعلق پراڻو آھي، 2013 ۾ منھنجي والد هتان چونڊ وڙھي. هر ڀيري عمرڪوٽ جي عوام اسان جو ڀرپور ساٿ ڏنو لالچند مالهي شاهه محمود قريشي جو لڳايل ٻوٽو آھي سندس حق عمرڪوٽ جي عوام کي ملي، لال مالهي وفادار رهيو مٿس ڪوڙا ڪيس ۽ ظلم ڪرڻ باوجود ثابت قدم رهيو 17 تاريخ تي ڪامياب ٿي قومي اسيمبلي ۾ سنڌ جو ڪيس وڙھندو، پ پ وارا سنڌ سان سچا هجن ته ها ته وفاق کان جدا ٿين ها پ پ جي سنڌ لاءِ منافقاڻي پاليسي آھي، سنڌ جو هاري ڪڻڪ کي وٺي پريشان آھن، هارين کي محنت جو معاوضو نٿو ملي سنڌ حڪومت ڪڻڪ اگھ مقرر نه ڪيو نه ئي خريداري ڪئي سنڌ حڪومت پ پ اميدوار لاءِ سرڪاري مشينري استعمال ڪري پئي پھريون ڀيرو ماروي گرائونڊ ۾ جلسي کان روڪيو ويو هن اليڪشن فارم 47 تحت مينڊينٽ چوري ٿيڻ نه ڏينداسين 17 اپريل ريفرنڊم آھي عمرڪوٽ جي عوام کي ڪئنال معاملي کي سيريس وٺڻو پوندو. جيت حق سچ ۽ عوام جي ٿيندي.