عمرڪوٽ ۾ وحشي جوابدار ڪهاڙيون هڻي ڏاچي جي ٽنگ وڍي ڇڏي

0
36

عمرڪوٽ(رپورٽ: الياس ٿري)عمرڪوٽ لڳ ڳوٺ ڀڄٻڙ ۾ گئوچر ۾ چرندڙ ڏاچي کي بيرحم جوابدارن ڪهاڙيون هڻي ٽنگ کان معذور ڪري ڇڏيو

جنھن تي ڏاچي تڪليف سبب دانهون ڪندي رھي ڳوٺ ڀڄڀڙ جي ويري ۾ گئوچر ۾ چرندڙ ڏاچي کي جوابدار هوٿي مڱريو ۽ نبي بخش مڱريو ڪهاڙيون هڻي ٽنگ کان منڊي ڪري ڇڏيو

ڳوٺاڻي شوڪت علي راھمون چيو ته منهنجي ڏاچي ڳوٺ جي گئوچر زمين تي چري رهي هئي ته جوابدرن نبي بخش مڱريو ۽ هوٿي مڱريو ڪهاڙيون هڻي ٽنگ کان منڊي ڪري ڇڏي آهي، جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي

جڏھن ته منڊي ٿيل ڏاچي جي دانھن ۽ ڪوڪن تي ڪيترائي آس پاس جا ڳوٺاڻا واقعي واري ھنڌ پھتا پر جوابدار آساني سان فرار ٿي ويا