عمرڪوٽ(اسپورٽس نيوز) 24هون آل سنڌ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هارڊ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو رائونڊ ميچ ڊفينس ڪراچي ڪرڪيٽ ڪلب ۽ بلوچ ڪرڪيٽ ڪلب مورو جي وچ ۾ کيڏيو ويو، بلوچ ڪرڪيٽ ڪلب مورو پهرين ٽاس کٽي بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، مقرره اوورن ۾ 192 رنسون ٺاهيون جنهن ۾ اظهر علي 76 ۽ فاتح نعمان 32 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، جڏهن ته ڊفينس ڪراچي ڪرڪيٽ ڪلب جي بالر عاصم جٽ 4 وڪيٽون ۽ عاطف مقبول 3 وڪيٽون ورتيو، ڊفينس ڪراچي ڪرڪيٽ ڪلب 7 وڪيٽن جي نقصان تي ميچ پنهنجي نالي ڪري ورتو، جنهن ۾ علي 81 رنسون ۽ عبدالله فضل 40 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته مين آف دي ميچ علي کي ڏنو ويو، اڄ ٻيو ڪوارٽر فائنل ميچ شاهه تاج ڪرڪيٽ ڪلب حيدرآباد ۽ ڊفينس ڪراچي ڪرڪيٽ ڪلب جي وچ ۾ کيڏيو ويندو.