عمرڪوٽ/ٺٽو(رپورٽر) عمرڪوٽ ۾ مڪمل بليڪ آئوٽ، مارڪيٽون بند، رپورٽن موجب عمرڪوٽ ۾ مڪمل بليڪ آئوٽ جو اعلان ڪري شھر جي مارڪيٽن ۽ گھرن جون لائيٽون بند رکڻ جي ھدايت ڪئي وئي آھي، ايس ايس پي عمرڪوٽ جي اڳواڻي ۾ پوليس شھر بند ڪرائي ڇڏيو، شھرين کي دڪانن ۽ گھرن جون لائيٽون بند رکڻ جي ھدايت پڻ ڪئي وئي آھي، اھڙين ھدايتن بعد عمرڪوٽ شھر جي تين تلوار چوڪ ڊي سي آفيس روڊ پريس ڪلب موتي چوڪ ٿر بازار جون مارڪيٽون مڪمل بند ٿي ويون، سموري شھر ۾ بليڪ آئوٽ جو سرڪاري طور اعلان ڪيو ويو آھي، انهي کان اڳ موجوده ايمرجنسي وارين حالتن جي تناظر ۾ ڊي سي عمرڪوٽ جي صدارت ھيٺ اعلي سطحي اجلاس دربار ھال ۾ ٿيو،  اجلاس ۾ ڪمانڊر قاسم رينجرز، نيوڇور ايس ايس پي عمرڪوٽ، ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين ۽ ميونسپل چيئرمين سميت ضلعي جي مختلف عملدارن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ امڪاني هنگامي صورتحال کي موثر نموني سان منهن ڏيڻ لاءِ غور ڪيو ويو، ان موقعي تي ضلعي عملدارن اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته موجوده ھنگامي حالتن ۾ ضلعي ۾ 66 رليف ڪيمپون، 8 فائر بريگيڊ گاڏيون 45 ايمبولينسون ۽ 2 موبائيل هيلٿ يونٽ موجود آھن ھر قسم جي ايمرجنسي صورتحال کي منھن ڏيڻ لاء تمام قدم کنيا ويا آھن. هوڏانهن ٺٽي ۾ موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي ٺٽي جي ڊي سي منور عباس سومرو هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ٺٽي ضلعي جي سمورن کاتن جي سربراهن سميت انهن جي سرڪاري عملي کي هدايت ڪئي آهي ته اُهي هيڊ ڪوارٽر ۾ موجود رهن، ڊي سي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ضلعي آفيسرن کي پنهنجا موبائل فون 24 ڪلاڪ فعال رکڻ سان گڏ کين پنهنجي آفيسن ۾ فعال ڪنٽرول روم قائم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي.