عمرڪوٽ(رپورٽ: الياس ٿري) عمرڪوٽ ۾مبينا سياسي مداخلت ۽ غير سرڪاري طور يوسي چئرمينن ۽ سيڪريٽرين کي پئسا ڪڍرائڻ کان روڪڻ سبب اربين روپيا يوسي اڪائونٽس ۾ جمع ٿيل، ضلعي ۾ مڪاني نظام جون 42 يوسيز مڪمل طور تي ناڪام، عوام کي ٽڪي جو به رليف نه ملي سگھيو. تفصيلي رپورٽ موجب ٿر ۽ بئراجي علائقن جي مرڪز طور مشھور تاريخي ضلعي عمرڪوٽ جي چئني تعلقن پٿورو، سامارو، ڪنري ۽ عمرڪوٽ ۾ سياسي طور من پسند وڏيرن ڀوتارن ۽ بااثرن کي فائده پھچائڻ ۽ پنھنجو ووٽ بينڪ پڪو ڪرڻ لاءِ 27 يونين ڪائونسلن جو انگ وڌائي 42  ڪيو ويو پر ان باوجود عمرڪوٽ ضلعو مقامي سطح تي صفائي سٿرائي وارين بنيادي سھولتن کان به وانجھيل آھي. مليل ڄاڻ موجب سنڌ جي مڪاني کاتي پاران ھر يونين ڪائونسل کي ماھوار ملندڙ گرانٽ 5 لک رپين مان وڌائي  10 لک رپيا ڪئي وئي،  جنھن مان سرڪاري ملازمن جون پگھارون ادا ڪرڻ بعد باقي فنڊز مان ڊرينيج سسٽم جي صفائي سٿرائي ڪرائڻ، شولنگ روڊ جون اسڪيمون ڏيڻ، مڇرمار اسپري ڪرائڻ سميت ٻيا ترقياتي ڪم ڪرائڻا آھن، پر جيئن ئي سنڌ ۾ 2023ع دوران مڪاني چونڊون ٿيون ۽ يوسيز ۾ چئرمين ۽ وائيس چئرمين چونڊجي آيا ته پھرين ڪجھه مھينن تائين ماھوار ملندڙ گرانٽ مان ھر يوسي چئرمين ۽ وائيس چئرمين يوسي سيڪريٽرين سان ملي ڀڳت ڪري لکين روپيا سلائي مشينون ۽ سولر پليٽون خريد ڪرڻ جي نالي ۾ مبينه طور ڪڍرائي ھڙپ ڪري ڇڏيا، ان بعد انھن بچت وارن پئسن مان آساني سان لکين روپيا ڦٻائڻ جي ٽيڪنيڪل پلاننگ ڪندي مختلف يونين ڪائونسلن ۾ ڀرت ڀرڻ جون سلائي مشينون خريدڻ ۽ سولر پلانٽ ڏيڻ جي بھاني سولر پليٽون خريد ڪرڻ جي ڏس ۾ مبينه طور تي ٽيڪنيڪل ڪرپشن جو نئون ڄار وڇايو ويو، جنھن تحت سستي خريداري ڪري ڳرا بل وصول ڪيا ويا ۽ اھڙي ريت فنڊز کي ڳڙڪائڻ جو ڪاروھنوار ھلندڙ رھيو پر گذريل ڪجھه مھينن کان يوسيز ۾ سياسي مداخلت وڌڻ ۽ چئرمينن کي فنڊز اڪائونٽس مان ڪڍرائڻ کان روڪڻ بعد ھر يونين ڪائونسلن ۾ ڪروڙين روپيا بجيٽ موجود آھي پر ترقياتي ڪم ٽڪي جو به نه ٿيو آھي. انھن سمورين يونين ڪائونسلن ۾ ايندڙ ڳوٺ واھڻ ۽ وستيون بنيادي انساني سھولتن کان محروم آھن ۽ چونڊيل نمائندا پراسرار طور خاموشي اختيار ڪري ويٺل آھن.

عمر ڪوٽ تعلقي جي 19 يوسيز ۾ رڳو 8 سيڪريٽري مقرر ٿيل

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ تعلقي جي 19 يونين ڪائونسلن ۾ رڳو 08 سيڪريٽري مقرر ٿيل آهن، هڪ سيڪريٽري وٽ ٽن کان چئن يونين ڪائونسلن جي چارج آهي نتيجي ۾ سارو ڪم ڪار سخت متاثر ٿئي ٿو ۽ عوام کي مشڪلاتن کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي يونين ڪائونسل شيخڙو، مهندري جو بار کوکراپار، ڪچولي، حاجي ميان شاهه کھاروڙو چارڻ ڪچولي، ميان جان محمد يوسي سميت اڪثر يوسيز جون اڃان آفيسن واريون بلڊنگون ئي تعمير ناھن ٿيون.

يوسي شيخڙو ۾ 21 ڪروڙ، يوسي کاروڙو ۾ 14 ڪروڙ ۽ يوسي وليداد ۾ 13 ڪروڙ موجود

عمر ڪوٽ: ضلعي جي 42 يوسيز جي اڪائونٽس ۾ پيل رقم جا انگ اکر پنهنجي اخبار هٿ ڪري ورتا. ذريعن موجب ڊسمبر 2024ع جي پڄاڻي تائين يونين ڪائونسل ڊيٻو ۾ 5 ڪروڙ 47 لک ڪونجيلي ۾ 10 ڪروڙ 11 لک عطا محمد پلي ۾ 05 ڪروڙ 38 لک کاروڙو سيد يوسي ۾ 14 ڪروڙ 66 لک حاجي ميان شاھه ۾ 11 ڪروڙ 82 لک نيوڇور ۾ 02 ڪروڙ 44 لک کوکراپار يوسي ۾ 05 ڪروڙ 35 لک مھيندري جو پار يوسي ۾ 06 ڪروڙ 69 لک پيل آهن، کاروڙو چارڻ ۾ 09 ڪروڙ 37 لک يوسي شيخڙو ۾ 21 ڪروڙ 86 لک ڪپلور ۾ 04 ڪروڙ 30 لک يوسي ڪچولي ۾ 08 ڪروڙ 32 لک جانھيرو يوسي ۾ ھڪ ڪروڙ 95 لک يوسي فقير عبدالله ۾ 06 ڪروڙ 33 لک يوسي کيجراڙي ۾ 03 ڪروڙ 64 لک روپيا يوسي ميان جان محمد ۾ 05 ڪروڙ 44 لک يوسي وليداد پلي ۾ 13 ڪروڙ 17 لک يوسي صوفي فقير ۾ 02 ڪروڙ 90 لک يوسي گپنو ۾ 13 ڪروڙ 54 لک جي بجيٽ موجود آهي، يوسي نواب آباد مانجھاڪر ۾ 08 ڪروڙ 96 لک يوسي ٻُسٽان ۾ 05 ڪروڙ 67 لک يوسي شھيد راجا اقبال ميمڻ ۾ ھڪ ڪروڙ 66 لک يوسي نبي سر ٿر ۾ 06 ڪروڙ 75 لک يوسي شھيد مائي بختاور ۾ 08 ڪروڙ 56 لک يوسي ٽالھي ۾ 07 ڪروڙ 66 لک يوسي دڙيلو ۾ 06 ڪروڙ روپيا يوسي شيرخان چانڊيو ۾ ھڪ ڪروڙ 71 لک روپيا پيل آهن، يوسي آراڙو ڀرڳڙي ۾ 06 ڪروڙ ھڪ لک رپيا يوسي گلزار خليل ۾ 05 ڪروڙ 52 لک روپيا يوسي ستڙيون ۾ 03 ڪروڙ 69 لک يوسي نورخان ڌونڪائي ۾ 05 ڪروڙ 24 لک يوسي سامارو روڊ ۾ 06 ڪروڙ 44 لک يوسي سامارو ون ۾ 06 ڪروڙ 98 لک رپيا يوسي ٽوڀان شاخ ۾ 05 ڪروڙ 26 لک جي بجيٽ موجود آهي جڏهن ته يوسي پڌريو ۾ 06 ڪروڙ 31 لک يوسي حاجي پير شاھه 05 ڪروڙ 66 لک يوسي ٻريجي ۾ 06 ڪروڙ 58 لک يوسي مخدوم طالب المولي ۾ 04 ڪروڙ 45 لک يوسي پٿورو ۾ 04 ڪروڙ 95 لک يوسي شاھه مردان شاھه ۾ 05 ڪروڙ 37 لک ۽ يوسي غلام نبي شاھه ۾ 03 ڪروڙ 61 لک کان وڌيڪ بجيٽ پيل آھي.

 

سياسي ماڻهن اڪائونٽس مان فنڊ ڪڍرائڻ بند ڪرايا آهن: عارف مهر

عمرڪوٽ: ضلعي جي 42 يونين ڪائونسلن ۾ ڪروڙين رپين جا فنڊز ۽ بجيٽ موجود ھوندي به انھن کي ڪتب آڻي نه سگھڻ بابت موقف وٺڻ لاءِ ڊائريڪٽر عمرڪوٽ ھريش ڪمار کتري سان فون تي رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي، پر رابطو ٿي نه سگھيو جڏھن ته يوسي ميان جان محمد جي چئرمين عارف مھر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته سڀ ڪم بند لڳا پيا آھن، پ پ جي چئرمينن وارين يوسيز جا فنڊز به بند آھن چون ٿا ته سيڪريٽرين ۽ آفيسرن کي سياسي ماڻھن چونڊيل مقامي ايم پي ايز ۽ نمائندن سختي سان منع ڪئي آھي ته ھڪ رپيو به اڪائونٽ مان جاري نه ڪيو وڃي ھن چيو ته سڄي ضلعي ۾ اسين اپوزيشن وارا ٻه چئرمين آھيون ڇا ٿا ڪري سگھون ٻه سال گذري ويا آھن باقي ٻه بچيا آھن اسان جو حق اسان کي نه مليو ته عدالت جو در کڙڪائينداسين.

 

ضلعي جي آدمشماري اڍائي لک گهٽ ڏيکاريل

عمرڪوٽ: چئن تعلقن تي مشتمل عمرڪوٽ ضلعي جي ڪل آبادي 2023ع جي آدمشماري موجب 11 لک 69 هزار ڏيکاري وئي آهي، جڏھن ته اڳي اھا آدم شماري 10 لک ۽ مٿي ڪجھه ھزار ھئي سڄاڻ ڌرين موجب واڌ وارو انگ به گھٽ ڄاڻايو ويو آھي، غير سرڪاري ۽ اڻ تصديق ٿيل انگن اکرن موجب ضلعي جي آبادي 15 لک کان به وڌيڪ ھوندي.

 عمر ڪوٽ تعلقي جي 19 مان 14 يوسيز  آفيسن کان ئي محروم

عمرڪوٽ: ضلعي جي سڀ کان وڏي تعلقي عمرڪوٽ ۾  ڪُل 19 يونين ڪائونسلون قائم ٿيل آھن، پر وڏي حيرت جي ڳالھه اھا آھي جو انھن 19 يونين ڪائونسلن مان ڪيترائي سال گذرڻ  باوجود اڃان تائين 14 يونين ڪائونسلن جون آفيسون ئي تعمير ٿيل ناھن ۽ اُھي عمرڪوٽ شھر جي اندر موجود ميونسپل ڪميٽي عمرڪوٽ جي ھڪڙي وڏي بلڊنگ ۾ ھڪ ئي ڇت ھيٺ 14 آفيسون گڏيل طور ڪم ڪري رھيون آھن جن ۾ ٿر جي ڏورانھن علائقن کوکراپار مھيندري جو پار شيخڙو ڪچولي حاجي ميان شاهه کاروڙو چارڻ، ڪونجيلي، ميان جان محمد سميت ٻيون يونين ڪائونسلون شامل آھي جتي ڪنهن کي رهائشي سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻو ُھجي ته ٿر واسي ڳوٺاڻا 80 ڪلوميٽر پنڌ ڪري عمرڪوٽ اچن ٿا ۽ ھزارين رپيا سندن خرچ رڳو رھائشي ۽ ڊيٿ سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ تي ٿيو وڃي جنھن اھم مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪو به سنجيده نظر نٿو اچي.

 

”چٻراڻو پروگرام“  نالي يوسيز جا فنڊ هڙپ ڪرڻ جو انڪشاف

عمرڪوٽ: مڪاني چونڊن بعد جولاءِ 2023ع ۾ يونين ڪائونسلن جي موجوده چونڊيل چئرمينن ۽ وائيس چئرمينن کي سندن عھدن جون چارجون حوالي ڪيون ويون، مليل ڄاڻ موجب ان وقت اڳ وارن چئرمينن جي دور جي ھر مھيني ايندڙ 05 لک رپين واري گرانٽ جا ھر يونين ڪائونسل ۾ لکين رپيا جمع ٿيل ۽ بچت پيل ھئا ذريعن موجب نون چونڊيل چئرمينن ۽ يوسي سيڪريٽرين جي گڏيل ملي ڀگت سان اھي لکين رپيا “چٻراڻو پروگرام” تحت ھڙپ ڪري مختلف بل پاس ڪرايا ويا ۽ انھن بلن جي ڪليئرنس لاءِ مڪاني کاتي جي آڊٽ لاءِ مقرر آڊٽ آفيسر به مبينه طور ڪردار ادا ڪيو جنھن تحت آفيسن جو رنگ روغن ڪرڻ، سلائي مشينون ورھائڻ، مڇرمار اسپري ڪرڻ ۽ پئٽرول ڊيزل خرچ ٿيڻ ڏيکاريو ويو چٻراڻو و پروگرام جو مطلب ته حصا پتي ڪري فنڊز ھڙپ ڪرڻ آھي ان سموري معاملي جي اڄ تائين ڪا به جاچ نه ٿي آھي ۽ لکين رپيا مبينا ڪرپشن جي نظر ٿي ويا جنھن جو ڪو به پڇاڻو نه ٿي سگھيو .