عمرڪوٽ (رپورٽر)اسڪالر پبلڪ گرلس هاءِ اسڪول عمرڪوٽ طرفان ساليانو تعليمي ثقافتي ڏھاڙو ملھايو ويو، جنهن ۾ شاگردن طرفان ثقافتي ٽيبلوز ۽ بهترين تقريرون ڪيون ويون، انهي موقعي تي ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ جي پرنسپال عبدالرؤف سومرو ڳالهائيندي چيو ته اهڙا پروگرام ٻارن جي ذھني نشونما لاءِ بهترين ثابت ٿيندا آهن ۽ شاگردن جو ٽيلينٽ وڌندو آهي، سنڌ جي قديم رسمن کي برقرار رکڻ لاءِ ثقافتي ڏينهن ملهائڻ گهرجي، اديب ميرحسن آريسر چيو ته سنڌ جون ريتون رسمون هڪ حسين روپ آھن، جن کي زنده ڪرڻ لاءِ اهڙا پروگرام تمام ضروري آهن، زرعي يونيورسٽي جي پروفيسر ذوالفقار مري چيو ته غير نصابي سرگرميون شاگردن کي اڳتي وڌڻ جو موقعو فراهم ڪنديون آهن، زليخان پنهور چيو ته عورت والدين جا خواب کڻي درسگاهن ۾ اچي ٿي، انهن خوابن جي ساڀيان لاءِ محنت ڪرڻ کپي، خالده منير ولھاري چيو ته اڄ جي عورت هر فيلڊ ۾ پنهنجو نالو ڪمايو آهي، اوهان سڀاڻي جي سنڌ آهيو، محنت ڪريو ۽ پنهنجو مستقبل بهتر بڻايو، شيوارام سوٽهڙ چيو ته دنيا جديد ٿيندي پئي وڃي اڄ جي ٻار کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي تعليم جي ضرورت آهي، سينيئر صحافي الياس ٿري چيو ته نياڻي جي تعليم گهر ۽ معاشري کي سڌارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، انڪري نياڻين کي تعليم جا موقعا فراهم ڪيو، اسلم رونجهو ڳالهائيندي چيو ته اسان جو مقصد شاگردن کي پنهنجي ثقافت کان آگاھه ڪرڻ آهي، انڪري غير نصابي سرگرمين ذريعي شاگردن کي اسين موقعا فراهم ڪندا آهيون، جئين اهي پنهنجو ٽيلينٽ دنيا جي سامھون آڻي سگهن، ان موقعي تي ڪوير چوهاڻ، علي نواز راهمون، جاويد ڪنڀر، گل منير ولهاري، غلام رسول ببلي بجير، عبدالحئي راهمون، سبب علي، ڪرشن ميگھواڙ، رسول بخش منڱريو، لائبا ملڪ، نرملا مهدي، حسن راهمون، اشرف ڪنڀر، رام چارڻ، الهداد آريسر، معشوق رونجهو، ممتاز ڪنڀر ۽ ٻين شرڪت ڪئي.