عمرڪوٽ(رپورٽر) عمرڪوٽ ۾ زال مڙس جو احتجاج، مائٽن تي تشدد جو الزام تفصيل موجب عمرڪوٽ لڳ ڳوٺ روحل واءِ واسي نوجوان محمد يونس مڱڻھار ۽ سندس زال ڇاڇرو تعلقي جي ڳوٺ ولاسرو واسڻ ڪلثوم مڱڻھار سان نڪاح ڪرڻ تي والدين سخت ناراض ۽ ڪاوڙيل آهن، پريس ڪلب عمرڪوٽ پھتل يونس مڱڻھار ۽ سندس زال ڪلثوم صحافين کي ٻڌايو ته اصغر، گل حسن، اسماعيل، محمد علي، انور ۽ خميسو اسان جي گھر تي ھُلان ڪري مونکي ۽ منھنجي زال ڪلثوم کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو، رڙين تي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندا فرار ٿي ويا، يونس منگڻھار ٻڌايو ته اسان کي اغوا ڪري ماريو ويندو، اسان اعلي اختيارين کي درخواستون به ڏنيون آھن، فوري طور تي جوابدارن کي گرفتار ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.