عمرڪوٽ(رپورٽ: الياس ٿري) اين اي 213 عمرڪوٽ تي اڄ ننڍي چونڊ تياريون مڪمل تفصيل موجب اڄ 17 اپريل 2025 تي اليڪشن ڪميشن پاڪستان جي پاران اعلانيل ننڍي چونڊ لاء ووٽرز پولنگ اسٽيشنن تي پھچي پنھنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا ۽ نئون نمائندو چونڊيندا ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن ۽ ضلعي انتظاميه پاران سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آھن اين اي 213 تي رجسٽرڊ ووٽرن جو انگ 6 لک 8 هزار 957 آهي رجسٽرڊ ووٽرن ۾ 2 لک 87 هزار 311 عورتون ۽ 3 لک 21 هزار 686 مرد شامل آھن اليڪشن لاءِ 498 پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون ويون آهن پولنگ اسٽيشنن ۾ 98 عورت، 98 مرد ۽ 302 گڏيل پولنگ اسٽيشنون شامل آھن ننڍي چونڊ ۾ 18 اميدوار ميدان ۾ لٿل آھن پر اصل مقابلو پ پ جي مئڊم صبا ٽالپر ۽ پ پ مخالف آزاد اميدوار لال مالھي وچ ۾ ٿيندو آهن تڪ ۾ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن ڪنهن به بي ضابطگي جي خلاف ورزي يا بدانتظامي خلاف سخت ڪارروائي جون اليڪشن ڪميشن سنڌ پاران ھدايتون جاري ڪيون ويون آھن ننڍي چونڊ ۾ ڪل 4628 پولنگ اسٽاف پنھنجي ڊيوٽي سرانجام ڏيندو، انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنن تي سي سي ٽي وي ڪئميرائون لڳايون ويون آھن ۽ 91 پولنگ اسٽيشنن کي انتھائي حساس قرار ڏنو ويو آھي ڪل 4200 اھلڪار پنھنجي ڊيوٽي سرانجام ڏيندا جنھن ۾ 07  ايس ايس پيز، 12 ڊي ايس پيز ۽ ٻيا پوليس اهلڪار شامل آھن. ٻئي طرف اين اي 213 عمرڪوٽ ننڍي چونڊ جي سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان چونڊن ۾ سياسي مداخلت تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي سيڪريٽري سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي الڳ الڳ خط موڪلي ڇڏيو، جنھن ۾ ڄاڻايو آھي ته اليڪشن ڪميشن کي مختلف رخن ۽ مقابلي ڪندڙ اميدوارن کان شڪايتون مليون آهن، اليڪشن ڪميشن پاران عمرڪوٽ جي ضمني چونڊ جي عمل ۾ سياسي مداخلت جون شڪايتون آهن، اليڪشن ڪميشن چيف سيڪريٽري سنڌ کي آئين جو آرٽيڪل 218 ياد ڏياريو آھي ۽ ڄاڻايو آھي ته اليڪشن ڪميشن کي عمرڪوٽ جي ضمني چونڊن ۾ حصو وٺندڙن جون شڪايتون مليون آهن، ياد رهي ته امن امان برقرار رکڻ صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي، سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن چيف سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن کي غير جانبدار رهڻ لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي سخت هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آھن.

عوام ڪئنال اڏيندڙن ۽ زمينون وڪڻندڙن کي شڪست ڏيندو: صفدر عباسي

عمرڪوٽ: پ پ مخالف اميدوار لال مالھي جي ڊي اي اڳواڻ صفدر عباسي لجپت سوراڻي سان گڏجي پريس ڪلب عمرڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي واضح ڪيو آھي ته سرڪاري مشينري کي استعمال ڪري ڌانڌليون ڪرڻ بابت سندس پاران ڪيل شڪايتن جو ڪو ازالو نه ٿيو آھي 115 پولنگ اسٽيشنن تي ساڳين علائقن جي مقامي عملدارن کي پولنگ عملي طور مقرر ڪرڻ غيرقانوني آھي اسان عمرڪوٽ ۾ سياسي تاريخ جو وڏو جلسو ڪيو ڪامياب جلسي جون عوام کي مبارڪون اسان اليڪشن کٽي چڪا آھيون پر پ پ حڪومت اليڪشن کي چوري ڪندي ان خلاف سخت احتجاج ڪنداسين عوام سنڌو دريا تي ڪئنال اڏيندڙن ۽ سنڌ جون زمينون وڪڻندڙن کي شڪست ڏيندو جي ڊي اي اڳواڻ صفدر عباسي چيو ته آصف زرداري سنڌو تي 6 ڪئنالن جي منظوري پاڻ ڏني سنڌ جو عوام اھڙو غلط فيصلو قبول نه ڪندو ھي اليڪشن عمرڪوٽ جي نه پر سڄي سنڌ جي آھي ڌانڌلي ٿي ته نتيجا خراب نڪرندا 2024 جي ڌانڌلين واري ڳالهه مان آجو ٿيڻ لاء اليڪشن ڪميشن ھي اليڪشن شفاف ڪرائڻ جي ذميواري ادا ڪري پريس ڪانفرنس دوران فقير غلام نبي منگريو حاجي ساند لجپت سوراڻي گل بجير ۽ ٻيا موجود ھئا.

 

ٻاھريان ايجنٽ مقرر ڪرڻ خلاف درخواست رد ڪئي وئي آهي: پ پ ڪورننگ اميدوار

عمرڪوٽ: پ پ اميدوار جي ڪورننگ اميدوار برھان ڪنڀر پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اليڪشن ڏينھن پولنگ تي ٻاھريان ماڻھو پولنگ ايجنٽ طور مقرر ڪرڻ لاء درخواست ڏنم پر ڊي آر او رد ڪري ڇڏي آھي مون ڊي آر او عمرڪوٽ کي اھڙي درخواست ڏني پر ان رد ڪري ڇڏي اليڪشن ڪميشن ان جو نوٽيس وٺي اليڪشن قانون تحت منھنجو مسئلو حل ڪري ھن چيو ته مونکي سمجھايو ۽ ٻڌايو وڃي ته ڇا اليڪشن قانون ۾ اھڙي گنجائش آھي

 

اوهان کي پئسا بينظير جي صدقي ملن ٿا، ٺپو تير تي هڻجو: پ پ عورت ڪائونسلر جي وڊيو وائرل

عمر ڪوٽ: عمر ڪوٽ جي ضلعي ڪائونسل جي پ پ ڪائونسلر نورجهان ڳهلڙو عمر ڪوٽ جي مختلف بي آءِ ايس پي سينٽر تي وظيفو وٺندڙ عورتن کي ڀانور ڪرايو ته اهي پئسا توهان کي شهيد بينظير ڀٽو  جي صدقي ملن ٿا، ان ڪري اوهان کي تير تي ٺپو هڻجو، اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي جنهن تي واهپيدارن دلچسپ تبصرا ڪندي سخت تنقيد پڻ ڪئي آهي