عمرڪوٽ (رپورٽر)گورنمينٽ پرائمري بوائز اسڪول سومرا پاڙي عمرڪوٽ ۾ ايڪتا تقريب منعقد ڪئي وئي، جنھن ۾ استادن ۽ شاگردن جو وڏو انگ شريڪ ٿيو، ان موقعي تي اسڪولي شاگردن سنڌ جي تاريخي داستان عمر مارئي بابت ٽيبلو پيش ڪري وطن جي محبت، ماروئڙن سان پيار ۽ عظيم سورمي مارئي جي ڪردار کي ڀيٽا پيش ڪئي، جڏھن ته اسڪول جي شاگردن علم جي اھميت، ٻھراڙي جي ماحول ۽ سائنسي تعليم کي ھٿي وٺرائڻ بابت به ٽيبلوز پيش ڪيا، قومي گيتن جيئي سنڌ جيئي، سنڌ وارا جيئن، ڀٽ جا ڀٽائي ۽ جنت الفردوس آھن ٻئي ڪنڌيون مھراڻ جون ۽ ٻين گيتن تي جھمريون هڻي ماحول کي رونق بخشي، تقريب کي خطاب ڪندي اسڪول جي ھيڊ ماستر تلڇارام الھه بخش کوسو، گوتم پرڪاش ۽ ٻين چيو ته ايڪتا ڏھاڙي جو بنياد نامياري صحافي علي قاضي رکيو هو ۽ اھو ئي سنڌي قوم کي ايڪتا عيد جو ڏھاڙو ڏيندڙ ۽ باني رھنما آھي.