عمرڪوٽ (رپورٽر) عمرڪوٽ شهر ۾ هلندڙ 30 کان وڌيڪ ڪاٺين جي آرا مشين مالڪن ٻيلي کاتي عمرڪوٽ جي ڊي ايف او ۽ آفيس عملي خلاف احتجاجي ھڙتال ڪري آرا مشينون بند ڪري ڇڏيون آرا مشين مالڪن تالابندي ڪري ھڙتال ڪرڻ بعد جناح پارڪ کان پريس ڪلب تائين وڏي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ھڪ ڪلاڪ تائين ڌرڻو ھنيو، جنھن ۾ سوين مزدور به شامل ھئا احتجاجي مظاهري ريلي ۽ ڌرڻي ۾ آرا مشين ايسوسيئشن جو صدر علي کاڙت، عمران، اشوڪ مالهي، حاجي بجير، ونود ڪمار، علي گل ٻٻر، صوبدار چانهيون، ڍولو ڀيل، شنڪر جٽيو ۽ ٻيا شامل ھئا، ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ٻيلي کاتي عمرڪوٽ جي انتظاميه پابندي وڌل وڻن جي واڍي جي آڙ وٺي بنا جواز نوٽيس ڏئي هيسائي تنگ ڪري پئي، اسان زميندارن کان سُڪل وڻ وٺون ٿا، ان مان ڪاٺيون ڪڍي وڪرو ڪيون ٿا، ان جي باوجود ٻيلي کاتي جا عملدار آرا ميشنن تي اچي ڏنڊ هڻي تنگ پيا ڪن ھنن چيو ته اسان شهر جون سڀ آرا ميشنون ٻيلي کاتي جي عملدارن جي ناانصافين خلاف احتجاجن بند ڪيون آهن جيستائين اسان جا جائز مطالبا حل نٿا ڪيا وڃن ايستائين آرا مشينون بند رهنديون، واضح رھي ته عمرڪوٽ شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گئس جي سهولت نه هجڻ ڪري 30 کان وڌيڪ آرا مشينون بند ٿيڻ ڪري شهر ۾ مٺائي جي دڪانن هوٽلن سميت گهرو رڌ پچاءَ لاءِ ڪاٺين جي کوٽ پيدا ٿيڻ جو خدشو وڌي ويو آھي ۽ ٻيلو کاتو عمرڪوٽ توڙي ضلعي انتظاميه ان طرف ڪو به ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ناھي جڏھن ته احتجاج ڪندڙ آرا مشين جا مظاھرين بعد ۾ ريلي ڪڍي ڊي سي آفيس اڳيان پھچي ويا مطالبن جي مڃتا تائين احتجاج جاري رکڻ جو چتاءُ ڏنو جتي عملدارن پاران انصاف جي خاطري بعد مظاھرين واپس روانو ٿي ويا.