عمرڪوٽ(رپورٽ:الياس ٿري) اين اي 213 تي ننڍي چونڊ پ پ مخالف اميدوار لال مالھي ۽ حامين پاران ڊي آر او آفيس آڏو احتجاجي ڌرڻو ھڻي انتظاميه ۽ لال مالھي وچ ۾ پنج ڪلاڪن بعد ڳالھيون ڪامياب جلسي جي اجازت ملي وئي، مسئلا حل ڪرڻ جو يقين ڏيارڻ تي ڌرڻو ختم، تفصيل موجب پ پ مخالف اميدوار لال مالھي پاران سوين حامين سان گڏجي ڊي آر او آفيس جي مک گيٽ آڏو پنج ڪلاڪن تائين ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو ڌرڻي ۾ خضرحيات مڱريو، حُسين مڱريو، لجپت سوراڻي، ڊاڪٽر علي نواز شاھاڻي، دوست محمد ميمڻ ۽ ٻيا اڳواڻ توڙي ڪارڪنن جو وڏو انگ موجود رھيو ،ميرپورخاص عمرڪوٽ روڊ بلاڪ ٿيڻ سبب ٽريفڪ معطل رھي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي ۽ ڌرڻي کي خطاب ڪندي لال مالھي چيو ته عمرڪوٽ ۾ 17 اپريل تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ ۾ اڳواٽ ئي پ پ اميدوار کي ڌانڌلين ذريعي کٽرائڻ لاءِ سرڪاري مشينري استعمال ڪئي پئي، تيمور ٽالپر پوليس موبائيلون ساڻ ڪري عوام کي ڌمڪيون ڏئي ڊيڄاري رھيو آھي پر 17 تاريخ تي عوام کيس ووٽ جي طاقت سان رد ڪري ڇڏيندي. عمرڪوٽ جو عوام درياءَ ۽ سنڌ جون زمينون وڪڻندڙن کي 17 اپريل تي رد ڪري بري شڪست ڏيندو. لال مالھي چيو ته مطالبا تسليم ڪرڻ جو يقين ڏيارڻ تي ڌرڻو ختم ڪيو آھي، اسان کي 15 تاريخ تي جناح پارڪ سامھون جلسو ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آھي، پولنگون تبديل ڪرڻ سفارشي پولنگ عملو ھٽائڻ سميت ٻيا مطالبا به تسليم ڪرڻ جو يقين ڏياريو اٿن، مطالبن تي عمل نه ٿيو ته ٻيھر سيد زين شاھ سان گڏجي ڌرڻو ھڻندس

چونڊ عمل شفاف ٿيو ته پ پ اميدوار جي ضمانت ضبط ٿيندي: عالمگير

ڪنري(ن پ ا) پي ٽي آءِ سنڌ جي اطلاعات سيڪريٽري، اڳوڻي ايم اين اي ۽ فڪس اٽ جي باني عالمگير خان چيو آھي ته عمرڪوٽ جي ننڍي چونڊ شفاف ٿي ته پيپلز پارٽي اميدوار جي ضمانت ضبط ٿي ويندي، خدشو آھي ته عمرڪوٽ جي اليڪشن به 8 مئي جي اليڪشن جيان ڌاندلي ذريعي ٿيندي پي ٽي آءِ ووٽرن کي هراسان ڪري ڌمڪايو پيو وڃي، سموري ضلعي ۾ خوف جي لھر پکڙجي وئي آھي، اھڙن خيالن جو اظھار هن ڪنري ويجھو ٻسٽان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، عالمگير خان چيو ته عمرڪوٽ جي ننڍي چونڊ ۾ سرڪاري مشينري استمعال ڪري اليڪشن ڪميشن جي ايس او پيز کي ٿڏيو پيو وڃي، اليڪشن ڪميشن ۽ ڊي آر او عمرڪوٽ پنھنجو ڪردار ادا ڪري ڌاندلي کي روڪي، هن وڌيڪ چيو ته 2018ع  جي چونڊن ۾ اسان جي ٿر جي اميدوارن کي فارم 47 تحت هارائي مخالفن جي چونڊ عمل ۾آندي وئي، 1990 کان هتي هڪ ئي خاندان قابض آھي، علائقي کي تباھي جي ڪنڌي تي پھچائي ڇڏيو آھي. سنڌ کي تباهه ڪندڙ تڪراري ڪئنالن کي پيپلز پارٽي عوام کي گمراهه پئي ڪري، عالمگير خان چيو ته 91 جي ٺاهه تحت سنڌ کي پورو پاڻي ڏنو وڃي، سنڌو بچايو تحريڪ ۾ پي ٽي آءِ به شامل آھي ۽ سنڌ جي حقن تي ڌاڙو ھڻڻ نه ڏينداسين. ان موقعي تي  فڪس اٽ تعلقي ڪنري جي صدر محمد عمر بن منير آرائين، فيضان قائمخاني ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.