عمرڪوٽ(رپورٽر) عمر ڪوٽ جي ٿربازار ۾ ڪرائي جي گھر ۾ رھندڙ محمد رمضان پٽ محمد ھاشم مري جو لاش ھٿ آيو اطلاع تي سٽي پوليس لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال پھچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول محمد رمضان تعلقه کپرو جي ڳوٺ ھاشم مري جو رھواسي ھو جيڪو عمرڪوٽ ۾ پرائيويٽ ميڊيڪل  سينٽر تي نرس جي پوسٽ تي ڊيوٽي ڪندڙ پنھنجي زال  شمشاد مري سان گڏ ڪرائي جي جاءِ ۾ رھندو ھو ذريعن موجب رمضان کي سندس ئي زال شمشاد مري مبينه طور پنھنجي چاھيندڙ سان گڏجي گلي ۾ رسو ٻڌي گھٽا ڏيئي ماريو آھي اھڙا چوٻول پاڙي ۾ ھلندڙ آھن پوليس مقتول رمضان مري جي زال شمشاد مري ۽ سندس چاھيندڙ کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آھي ۽ وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي عمرڪوٽ پوليس موجب نوجوان کي گھٽا ڏيئي قتل ڪيو ويو آھي مامري جي مختلف رخن کان جانچ ڪيون پيا واقعي جو ڪيس ھن محل تائين  داخل ڪرائڻ لاءِ وارث عمرڪوٽ ٿاڻي تي پھتل ھئا ۽ قتل ڪيس داخل ڪرايو پي ويو جڏھن ته مقتول جو مڙھ گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو ۽ علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول ڇائنجي ويو رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او عمرڪوٽ عطا محمد لغاري ٻڌايو ته نوجوان کي قتل ڪيو ويو آھي وارث ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ پھتا آھن، ڪيس داخل ٿيڻ بعد کي تفصيل سامھون ايندا ته ڪيس ڪيئن ۽ ڇو قتل ڪيو ويو ۽ اصل حقيقت ڇا آھي .