عمرڪوٽ (رپورٽر) 24هون آل سنڌ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هارڊ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو ميڳا فائنل ميچ ماروي گرائونڊ عمرڪوٽ ۾ کيڏيو ويو، پهرين کيڏندي عبدالله شاهه ڀان سيد آباد ڪرڪيٽ ڪلب دادو بيٽنگ ڪندي 187 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ عبيد ستار 44 ۽ اڪبر خان 42 رنسون ٺاهيون نمايان رهيا، جواب ۾ جي ايم خانه ڪرڪيٽ ڪلب ناظم آباد 188 رنسون ٺاهي فائنل ميچ کٽي ورتو، جنهن ۾ ذاڪر ملڪ 85 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته مين آف دي سيريز ڪراچي جي بيٽسمين حيدر بنگش، بيسٽ بيٽسمين صدام علي ۽ ڪراچي ونر ٽيم جي ڪپتان کي هڪ لک رپيا انعام ڏنو ويو ۽ عبدالله شاهه ڀان سيد آباد ڪرڪيٽ ڪلب رنر ٽيم 50 هزار رپيا انعام ڏنو ويو.