حيدرآباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم اين اي نواب عبدالغني ٽالپر چيو آھي ته نواب يوسف ٽالپر سنڌ جو ھيرو ھو، اين اي 213 عمرڪوٽ تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ ۾ مخالف اميدوار ۽ مخالف پارٽين جون ضمانتون ضبط ٿي ويڻديون، پ پ اميدوار صبا ٽالپر وڏي ليڊ سان ڪاميابي ماڻيندي. اھڙو اظھار ھن ڪالهه لطيف آباد ۾ پنھنجي ھائوس تي ميڊيا سان ڳالھائيندي ڪيو، ھن چيو ته نواب يوسف ٽالپر 4 مارچ شاگرد جدوجھد جو ھيرو ۽ جمھوريت لاء جيلن جون سختيون سٺيون، نواب يوسف ٽالپر سدائين قومي اسيمبليءَ ۾ سنڌ ۽ سنڌو درياھ جي پاڻي جو ڪيس وڙهيو. ھن چيو ته نواب يوسف ٽالپر جي خدمتن کي ڪير به وساري نٿو سگھي. ھن چيو ته نواب يوسف ٽالپر جي وڇوڙي کانپوءِ خالي ٿيل قومي اسيمبليء جي سيٽ اين اي 213 تي پيپلز پارٽي نواب يوسف جي گھرواري ۽ سندس زندگي ۾ سياسي مشير رھندڙ صبا ٽالپر کي ٽڪيٽ ڏني آھي، انشاء الله 17 اپريل تي ٿيندڙ چونڊ ۾ مخالف اميدوار ۽ ان جي حمايتي پارٽين جون ضمانتون ضبط ٿي وينديون، صبا ٽالپر وڏي ليڊ سان مخالف اميدوار کي شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻيندي.