عمرڪوٽ ڀرسان ڪار ۽ مزدا ۾ ٽڪر، ٻن معصوم ٻارڙن، عورت ۽ ڊرائيور سميت 5 ڄڻا فوت

0
21
عمرڪوٽ ڀرسان ڪار ۽ مزدا ۾ ٽڪر، ٻن معصوم ٻارڙن، عورت ۽ ڊرائيور سميت 5 ڄڻا فوت
عمرڪوٽ ڀرسان ڪار ۽ مزدا ۾ ٽڪر، ٻن معصوم ٻارڙن، عورت ۽ ڊرائيور سميت 5 ڄڻا فوت

عمرڪوٽ (رپورٽر) عمرڪوٽ ڀرسان ڪار ۽ مزدا ۾ ٽڪر، 2 معصوم ٻارڙا، ماءُ، چاچي ۽ ڊرائيور سميت فوت خبر موجب، عمرڪوٽ شهر جي چنديرام پاڙي واسي هڪ گهر جي ٻن معصوم ٻارڙن 6 سالا ڪارتڪ، 4 سالا مهاوير، ڪيلاش مالهي ولد منگهارام مالهي، سندس ڀاڄائي جنتا مالهي زال سروڻ مالهي، ڊرائيور پرشوتم اوڏ ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جن کي مقامي ماڻهن سول اسپتال عمرڪوٽ پهچايو، جڏهن ته پرڪاش پٽ سروڻ مالهي سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي سول اسپتال حيدرآباد ريفر ڪيو ويو، جڏهن ته ڪلٽس ڪار سوار عمرڪوٽ واسي خاندان کي کڻي ڪوٽ غلام محمد کان عمرڪوٽ اچي رهيا هئا ته سونپور اسٽاپ وٽ عمرڪوٽ کان ويندڙ مزدا گاڏي جو ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ حادثو پيش آيو، فوتين جا مڙهه ۽ زخمي کي ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪواٽر اسپتال عمرڪوٽ پهچايو ويو، جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، فوتين جا مڙهه گهر پهچڻ تي گهر ۾ قهرام مچي ويو، جڏهن ته مزدا گاڏي کي پوليس تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي، مزدا ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو.