عمرڪوٽ(رپورٽر) عمرڪوٽ پوليس ٽن گٽڪا فيڪٽرين تي ڇاپا ھڻي 30 ھزار 554 ھٿرادو ٺھيل گٽڪو ھٿ ڪرڻ جي دعوي ڪئي آھي. 20 لٽر ديسي تيار شراب ۽ 120 لٽر ڪچو شراب ھٿ ڪيو ويو. عمرڪوٽ پوليس جي رپورٽ موجب 04 گٽڪا وڪڻندڙ ۽ گٽڪو ٺاھيندر ۽ 02 ديسي شراب ٺاھيندڙ گرفتار ڪيا ويا آھن 21 گٽڪا ٺاھڻ ۾ ڪتب ايندڙ سامان وارا ٽب ھٿ ڪري سامارو جي گٽڪا فئڪٽري تان پوليس پاران اشرف کوسو ڳوٺ مريد خاصخيلي ۾ گٽڪا فئڪٽري تي ڇاپو ھڻي صدام خاصخيلي ڪامل ڀٽي کي گرفتار ڪيو ويو آھي ۽ مٿن ڪيس داخل ڪيا ويا آھن عمرڪوٽ ڪنري ۽ ٻين علائقن ۾ به ڇاپا ھڻي ڪندن ڪلال دلاور نوحاڻي ۽ نارائڻ ڪولھي کي گرفتار ڪيو ويو آھي ۽ مٿن ڪيس داخل ڪيا ويا آھن.