عمرڪوٽ ويجهو ڳوٺ پريو جو تڙ ۾ وڏيري جي پٽن تي نوجوان ناريءَ کي مبينا طور اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻائڻ جا الزام سامهون آيا آهن
متاثر ناريءَ جي پيءُ جو چوڻ آهي ته وڏيري ڪرام الدين جي پٽن منهنجي نياڻيءَ سان اجتماعي زيادتي ڪئي آهي، وڏيري 10 ڏينهن تائين فيصلو ڪرڻ جو ڏٽو ڏئي اسان کي يرغمال بڻائي رکيو
پوليس جو چوڻ آهي ته هڪ جوابدار هاشم مڱريو کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن
پوليس موجب متاثر ناريءَ جو سول اسپتال مان ميڊيڪل ڪرايو ويو، رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ حقيقتن جي خبر پوندي