عمرڪوٽ(رپورٽ:الياس ٿري) پبلڪ ھيلٿ کاتي عمرڪوٽ جي نااھلي ۽ ڪروڙين روپين جي مبينا ڪرپشن جي نتيجي ۾ ضلعي عمرڪوٽ جي 65 آر او پلانٽن مان 42 پلانٽ سالن کان خراب ۽ بند پيل آھن ڪو به مالڪي ۽ وارثي ڪرڻ لاء تيار ناھي مليل تفصيلن موجب عمرڪوٽ ضلعي ۾ ڪروڙين روپين جي لاڳت سان اڳوڻي صدر پرويز مشرف ۽ ارباب دور ۾ ۽ ان بعد مختلف وقتن تي ضلعي عمرڪوٽ جي چئن تعلقن پٿورو، عمرڪوٽ، سامارو ۽ ڪنري ۾ ڪُل 65 آر او پلانٽ لڳايا ويا ته جيئن شھرين کي پيئڻ جو صاف پاڻي مھيا ڪري سگھجي پر پبلڪ ھيلٿ کاتي عمرڪوٽ جي ڪامورن جي مبينه ڪرپشن، نااھلي ۽ عدم دلچسپي جي نتيجي ۾ انھن ڪروڙين روپين جي لاڳت سان لڳايل 65 آر او پلانٽن مان 42 آر او پلانٽ يا ته خراب آھن يا وري ڪيترن ئي سالن کان بند پيل آھن. جن جي مشينري پائيپ ۽ اسڪيمون ڳري، سڙي ۽ ٽٽي ڀُري ختم ٿي ويون آھن پر پبلڪ ھيلٿ کاتو ان سلسلي ۾ آر او پلانٽن جي بحالي جي لاء ڪو به ڪردار ادا ڪرڻ لاء تيار ناھي. رپورٽ موجب پبلڪ ھيلٿ کاتي عمرڪوٽ آگسٽ 2022 ۾ خراب ۽ بند پيل آر او پلانٽن جي مرمت ۽ بحالي لاء توڙي ملازمن جي پگھارن لاء 19 ڪروڙ روپين جو ٽينڊر ڪري ٺيڪو ھڪ ٺيڪيدار کي ڏنو جنھن مان ڪجهه جي مرمت ڪئي وئي ۽ ڪن جي بحالي لاء ڪوششون ورتيون ويون پر ذريعن موجب بورنگ مشينون ۽ پاڻي صاف ڪرڻ واري ميمرين معياري نه ھجڻ ڪري مرمت ڪيل آر او پلانٽ ھڪ سال به ھلي نه سگھيا ۽ وري خراب ٿي ويا ۽ ڪروڙين روپيا ضايع ٿي ويا. خراب آر او پلانٽن ۾ ھالو ڀيل، ڪرشن بجير، حويلي ٺڪر، انڙآباد، ھاشم جوڻيجو، سبڙي ٿر ۽ ٻيا شامل آھن جڏھن ته نيوڇور ۽ حبيب الله جوڻيجو آر او پلانٽ جيڪي 15- 15 ھزار گيلن پاڻي صاف ڪندا هئا اھي پڻ ڪيتري عرصي کان خراب پيل آھن. اھڙي ريت تعلقي سامارو، ڪنري ۽ عمرڪوٽ جا وليداد پلي، شھمير جي ڍاڻي، حافظ آباد، صوفي اڪبر، چوڌري برڪت، غلام محمد ڀرڳڙي، سامارو شھر، حاجي بنده علي راھو آر او پلانٽن مان ڪو فائدو نه مليو آهي. جن جو پبلڪ ھيلٿ کاتي عمرڪوٽ کان ڪو به پڇاڻو ڪرڻ لاء تيار ناھي ان ڏس ۾ ايڪسيئن پبلڪ ھيلٿ کاتو عمرڪوٽ ماجد جتوئي سان فون تي رابطو ڪري موقف معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر رابطو ٿي نه سگھيو.