عمرڪوٽ(رپورٽ: الياس ٿري) بلڊنگس کاتي عمرڪوٽ جي عملدارن تي روڊس کاتي جي ترقياتي اسڪيمن ۾ مبينا ڪروڙين رپين جي ڪرپشن جو الزام اينٽي ڪرپشن کاتي پاران جاچ شروع، ڌريون طلب، بيان قلمند،ڪامورن ۽ عملي ۾ ٿرٿلو تفصيل موجب بلڊنگس کاتي عمرڪوٽ جي اڳوڻي ايڪسيئن اڪرم ميمڻ ۽ ان وقت جي ذميوار آفيس عملي پاران من پسند ٺيڪيدارن کي ٺيڪا ڏيڻ، ائڊوانس رقم جي ادائيگي ڪرڻ ۽ ڪروڙين رپين جي مبينا ڪرپشن بابت اينٽي ڪرپشن کاتي عمرڪوٽ پاران جاچ شروع ڪئي وئي آهي، ان ڏس ۾ درخواست گذار محمد اسلم پاران بلڊنگس کاتي جي عملدارن خلاف من پسند ٺيڪيدارن کي روڊن جي اسڪيمن جا ٺيڪا ڏيڻ بغير ڪم ڪرڻ جي بااثر ٺيڪيدارن کي ڪروڙين رپين جي ائڊوانس ادائيگي ڪرڻ ۽ کاتي ۾ ڪرپشن بابت ڪيل درخواست تي اينٽي ڪرپشن عمرڪوٽ پاران جاچ شروع ڪئي وئي آهي، انڪوائري آفيسر راگيشوري کتري پاران لاڳاپيل اختيارين کي انڪوائري ۾ طلب ڪري سندن بيان پڻ رڪارڊ ڪيا ويا آهن، درخواست گذار محمد اسلم چيو ته الزام هيٺ آيل ايڪسيئن اڪرم ميمڻ ۽ ٻين جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا آهن ذريعن موجب بلڊنگس کاتي جو انجنيئر اڪرم ميمڻ انڪوائري آفيسر پاران پڇيل سوالن جا صحيح جواب ڏيئي نه سگهيو، سيپرا قانون پروڪيورمينٽ پاليسي بابت وضاحت ۽ نه ئي رڪارڊ پيش ڪري سگهيو آهي 2024ع دوران روڊن جي اسڪيمن جا 25 ڪروڙ رپين کان مٿي رقم جا ٽينڊر روڊس کاتي بدران بلڊنگس کاتي جي معرفت ڪرايا ويا هئا، جنهن ۾ من پسند ٺيڪيدارن کي سيپرا قانون جي ڀڄڪڙي ڪندي ٺيڪا ڏنا ويا سرڪاري ملازمن پنهنجي گهرڀاتين جي نالي تي ٺيڪا ورتا، جڏهن ته سياسي آشيرواد رکندڙن کي پڻ ٺيڪا ڏنا ويا، جڏهن ته ڪم نه ڪرڻ باوجود ٺيڪيدارن کي ڪروڙين رپيا ادا ڪري سرڪاري خزاني کي نقصان پهچايو ويو رابطو ڪرڻ تي انڪوائري آفيسر اينٽي ڪرپشن عملدار راگيشوري کتري تصديق ڪندي ٻڌايو ته درخواست ۾ لڳايل الزامن سرڪاري خزاني کي نقصان پهچائڻ ۽ ڪرپشن مامري جي غيرجانبدارانه انڪوائري جاري آهي، ڪرپشن ۾ ملوث عملدارن خلاف ڪارروائي لاءِ اعليٰ اختيارين کي لکنديس ٻئي طرف اينٽي ڪرپشن کاتي پاران جاچ شروع ڪرڻ بعد ڪامورن ۽ آفيس عملي ۾ ٿرٿلو مچي ويو آھي.