عمرڪوٽ (ن پ ا) 10 مهينا اڳ اجتماعي زيادتي بعد قتل ڪيل جنتا مالهي وارو مامرو، جوابدار جئه هرچنداڻي عبوري ضمانت پوري ٿيڻ بعد ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت سڳوري قتل ڪيس ۾ مُک جوابدار جئه هرچنداڻي جي ضمانت رد ڪري ڇڏي، جوابدار پوليس جي موجودگي ۾ آساني سان عدالت جي احاطي مان فرار ٿي ويو.