سنجهورو(ن پ ا) سنجهوري ويجهو ڳوٺ جعفر خان لغاري سان تعلق رکندڙ 6 ڄڻن سميت سنڌ جا 60 کان مٿي عمري تي ويل زائرين گذريل 72 ڪلاڪن کان سعودي عرب ۾ بي يارو مددگار ڦاٿل آهن، 12 اپريل جي رات کان 30-1 بجي جي سعودي ايئرلائين جي ايس وي سيون ڊبل زيرو 700 سندن فلائيٽ هئي جنهن ۾ سندن سامان ته روانو ڪيو ويو پر سنڌ سان تعلق رکندڙ 60 مسافرن جا بورڊنگ پاس هجڻ باوجود کين جهاز ۾ سوار نه ڪيو ويو، رهجي ويل زائرين  24 ڪلاڪن تائين بنا کاڌي پيتي جي ايئرپورٽ تي موجود رهيا، بعد ۾ ايئرپورٽ  اٿارٽي سان شڪايت بعد کين حج وزارت جي عملدارن مڪي پاڪ جي دارسلا هوٽل ۾ ترسايو، جتي هو پاڪستاني اختيارين جي مدد جا منتظر آهن، ان حوالي سان عارف لغاري پنهنجي ويڊيو بيان ۾ شڪايت ڪندي چيو ته اسان نوابشاهه جي ڪاروان بغدادي ٽريول ايجنسي ذريعي 12 مارچ کان 12 اپريل تائين عمرو ڪرڻ لاءِ آياسين پر پاڪستان واپسي مهل سعودي ايئرلائين وارن ڄاڻي واڻي ننڍو جهاز آندو، جنهن سان اڌ مسافر رهجي ويا، هن چيو ته اسان 60 کان مٿي زائرين ۾ 40 عورتون ۽ باقي مرد آهن، هن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي پاڪستان موڪليو وڃِي.