اسلام آباد (م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان ۽ سندس گهرواري جي امڪاني گرفتاريءَ جي حوالي سان دعويٰ سامهون اچي وئي. سيڪيورٽي اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان جي اڳوڻي چيئرمين ظفر حجازي چيو آهي ته منهنجي اطلاع موجب عمران خان ۽ سندس گهرواري خلاف خاموشي سان ٿيندڙ ڪيتريون ئي انويسٽيگيشنز ان مرحلي تائين پهچي چڪيون آهن ته جاچ ايجنسيون ڪنهن وقت به کين حراست ۾ وٺي سگهن ٿيون.