اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت اڳوڻي چيئرمين پي ٽي آءِ، وزير اعليٰ علي امين گنڊاپور ۽ ٻين کي ٿاڻي سنگجاني ۽ آئي نائين ۾ داخل ڪيسن ۾ ايندڙ ٻڌڻي تي فرد جرم عائد ڪرڻ لاءِ طلب ڪري ورتو. باني تحريڪ انصاف ۽ ٻين خلاف داخل دهشتگردي ڪيسن ۾ ضمانت کان اڳ گرفتاري جي درخواستن تي ٻڌڻي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج طاهر عباس سپرا ڪئي. وزير اعليٰ خيبرپختونخوا علي امين گنڊاپور، ن ليگ ايم اين اي خرم شهزاد عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي تاريخ مقرر ڪندي ٻڌڻي 29 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي ۽ سمورن جوابدارن کي حاضري يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.