اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سائفر ڪيس ۾  پي ٽي آءِ  چيئرمين عمران خان ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمود جون ضمانت درخواستون رد ڪيون ويون، اسد عمر جي ضمانت منظور ٿي وئي، خصوصي عدالت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، سيڪريٽ ايڪٽ تحت قائم خصوصي عدالت سائفر ڪيس ۾  پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشيءَ جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي، خصوصي عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين ضمانت وارين درخواستن تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو، ان کان اڳ پراسيڪيوٽر شاهه خاور دليل مڪمل ڪيا هئا، جنهن بعد آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ عدالت فيصلو محفوظ ڪيو هو،آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ عدالت سائفر ڪيس ۾ اسد عمر جي گرفتاري کان اڳ ضمانت منظور ڪري ورتي، اسد عمر کي 50 هزار رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو، عدالت فيصلي ۾ چيو ته اسد عمر جي خواهش باوجود پراسيڪيوشن کيس جاچ ۾ شامل نه ڪيو، گرفتاري گهربل هجي ته ايف آءِ اي اڳواٽ آگاهه ڪري،جيڪڏهن گرفتاري گهربل هوندي ته ايف آءِ اي اسد عمر کي پهريان آگاهه ڪندي، جج ابوالحسنات ذوالقرنين رمارڪس  ڏنا ته پراسيڪيوشن موجب اسد عمر خلاف اڃا تائين ثبوت ناهي، اسد عمر پاڻ جاچ ۾ شامل ٿيڻ جي خواهش ظاهر ڪئي، آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ڪورٽ اسد عمر جي ضمانت ڪنفرم ڪري ڇڏي.