اسلام آباد (بيورو رپورٽ) توشا خانه 2 ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني خلاف گواهي لاءِ 2 اڳوڻا ملٽري سيڪريٽريز طلب، شاهدن ۾برگيڊيئر محمد احمد ۽ ڪرنل ريحان شامل آهن، بشريٰ بي بي توشا خانه 2 ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهتي، جتي درخواست داخل ڪرڻ لاءِ بشريٰ بي بي پنهنجي بايوميٽرڪ ڪرائي، پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جي درخواست گذريل ڏينهن داخل ڪئي وئي هئي، بشريٰ بي بي هاءِ ڪورٽ ۾ صرف بايوميٽرڪ جي تصديق ڪرائڻ آئي ۽ تصديق کان پوءِ هلي وئي، هوڏانهن پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي خلاف توشا خانه 2 ڪيس جي ٻڌڻي اڊيالا جيل ۾ اسپيشل جج سينٽرل شاهه رخ ارجمند هلائي، پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي پيش ٿيا،پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر، سلمان اڪرم راجا، عليمه خان، عظميٰ خانم، نورين خانم، ڪزن قاسم خان، ايف آءِ اي جا شاهد طلعت محمود، محمد احد، محمد فهيم، عمر صديق، محسن حسن، اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر ايف آءِ اي ذوالفقار عباس نقوي، عمير مجيد ملڪ ۽ بئرسٽر علي ظفر به اڊيالا جيل پهتا، ايف آءِ اي جي ٻن وڌيڪ شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا. ايف آءِ اي جي هڪ ٻئي شاهد احد کان پڇا ڳاڇا مڪمل ٿي چڪي آهي. پراسيڪيوشن ايندڙ ٻڌڻي تي ٻن اهم شاهدن کي طلب ڪري ورتو، جن ۾ اڳوڻو ملٽري سيڪريٽري برگيڊيئر محمد احمد محمود ۽ اڳوڻو ڊپٽي ملٽري سيڪريٽري ڪرنل ريحان شامل آهن، توشا خانه 2 ڪيس جي ٻڌڻي 16 جنوري تائين ملتوي ڪئي وئي. جڏهن ته پي ٽي آءِ باني ۽ سندس گهر واريءَ خلاف توشا خانه 2 ڪيس جي جاچ لاءِ ايف آءِ اي نئين 3 رڪني جي آءِ ٽي جوڙي ڇڏي، ايف آءِ اي جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر واجد حسين جاچ جي نگراني ڪندو، جي آءِ ٽي ۾ 2 آفيسر سب انسپيڪٽر ڪاشف رياض ۽ شمس خان اينٽي ڪرپشن سرڪل مان شامل ڪيا ويا، ايف آءِ اي جي جاچ ٽيم پي ٽي آءِ باني ۽ سندس گهر واري بشريٰ بي بي کان جاچ ڪندي،ٽيم عدالت جي معاونت ۽ قانوني ڪارروائي اڳتي وڌائيندي.