اسلام آباد(بيورو رپورٽ)190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ اڳوڻي چيئرمين پي ٽي آءِ ۽ بشري بي بي جو 342 وارو بيان رڪارڊ نه ٿي سگهيو. احتساب عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 15 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. اڊيالا جيل راولپنڊي ۾ ريفرنس جي ٻڌڻي احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد رانا ڪئي. اڳوڻي چيئرمين پي ٽي آءِ جي معاون وڪيل فيصل چوڌري چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي چيئرمين پي ٽي آءِ ۽ بشري بي بي جي بريت جي درخواستن تي فيصلي جو حڪم ڏنو آهي. جج چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو ڪو به حڪم نامو هن وقت تائين ٽرائل ڪورٽ کي ناهي مليو. نيب پراسيڪيوٽر چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٽرائل ڪورٽ جي ٻڌڻي جي خلاف ڪو حڪم نامو ناهي ڏنو. هاءِ ڪورٽ جو فيصلو اچڻ تائين بريت جي معاملي کي ڏسي سگهجي ٿو. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 15 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.