اسلام آباد(بيورو رپورٽ) احتساب عدالت اسلام آباد جي جج ناصر جاويد رانا 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل جو فيصلو 13 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. احتساب عدالت اسلام آباد جي جج ناصر جاويد رانا جي عدالت ۾ باني تحريڪ انصاف جا وڪيل پيش ٿيا ته عدالتي عملي  وڪيلن کي ٻڌايو ته اڄ فيصلو نه ٻڌايو ويندو. ڇو ته جج صاحب موڪل تي آهي. عدالت فيصلو ٻڌائڻ لاءِ نئين تاريخ 13 جنوري مقرر ڪئي آهي. ان موقعي تي نيب پراسيڪيوٽر سهيل عارف ۽ پي ٽي آءِ جي وڪيل خالد يوسف عدالتي ڪمري ۾ موجود هئا.