اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اڳوڻي چيئرمين تحريڪ انصاف ۽ بشرا خلاف مبينا غيرشرعي نڪاح ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو، بشرا بي بي فرد جرم لاڳو ٿيڻ کان اڳ ئي اڊيالا جيل رواني ٿي وئي. جج اچڻ ۽ وڃڻ جا تفصيل گهري ورتا. عدالت بشرا بي بي جي غير حاضري باوجود اڳوڻي تحريڪ انصاف جي باني ۽ بشرا تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو. وڪيلن ٻڌايو ته بشرا بي بي طبي سببن ڪري رواني ٿي آهي ان جي غير موجودگيءَ ۾ فرد جرم لاڳو نه ڪيو وڃي. سول جج قدرت الله بشرا بي بي جي آمد ۽ روانگي جا تفصيل گھرايا. جنهن تي جيل عملي ٻڌايو ته بشرا بي بي ساڍي 11 وڳي اڊيالا جيل ۾ داخل ٿي ۽ پوڻين 2 وڳي رواني ٿي، دليل ٻڌڻ بعد جج فرد جرم لاڳو ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 18 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.