ڪراچي(م ڊ) سينئر صحافي ۽ تجزياڪار حامد مير اسٽيبلشمينٽ ۽ عمران خان وچ ۾ ڊيل جو تاثر رد ڪندي ان کي حڪومت جي پروپيگنڊا قرار ڏنو آهي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي حامد مير چيو ته حڪومت بشريٰ بي بي جي آزادي کي ڊيل جو نتيجو قرار ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪو عدليا تي حملو هو. حڪومت بشريٰ بي بي ۽ ايمان مزاري کي ٻيهر ڪنهن نه ڪنهن ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هن چيو ته تحريڪ انصاف ڪو رستو صاف ناهي ڇڏيو، ٽرمپ آمريڪا جو صدر بڻيو ته به عمران خان کي ڪو فائدو نه ٿيندو.