اسلام آباد(بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئرسٽر گوهر اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني سان ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پي ٽي آءِ باني ٻين سياسي جماعتن سان ڳالهيون ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي، پي ٽي آَءِ باني اتحاد جي بنياد تي محمود خان اچڪزئي جي سربراهي ۾ ٻين جماعتن سان ڊائلاگ شروع ڪرڻ جي اجازت ڏني، بئرسٽر گوهر موجب پي ٽي آءِ باني چيو آهي ته آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهندي ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، مان پاڻ سان ٿيل زيادتيون به معاف ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، راولپنڊي عدالتي ڪمري ۾ باني تحريڪ انصاف عمران خان صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو آهي ته جيڪا پارٽي ميدان ۾ ئي نه آئي ان کي ڪامياب ڪرايو ويو، سڀ مون کي خاموش ڪرڻ ۾ لڳل آهن. 6 کان وڌيڪ ماڻهن سان ملڻ نٿو ڏنو وڃي، پارٽي کي احتجاج ڪرڻ جي تياري جو چئي ڇڏيو آهي.