اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ جي اڳواڻ شيرافضل مروت خدشو ظاهر ڪيو آهي ته باني پي ٽي آءِ کي 190 ملن پائونڊز ڪيس ۾ 14 سال قيد جي سزا ملي سگهي ٿي. خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ڪجهه پاڪستاني ڪمپنين تي آمريڪي پابندين جي حمايت ۾ پي ٽي آءِ يو ايس اي جي ترجمان سجاد برقي جي پوسٽ کان لاتعلقي ظاهر ڪئي. شير افضل جو چوڻ هو ته سجاد برقي پي ٽي آءِ جي باضابطه عهديدار ناهي، هر شخص پاڻمرادو ترجمان بڻجي وڃي ٿو.