لنڊن (م ڊ) نواز ليگ قائد نواز شريف چيوآهي عمران خان کي ته پاڻ گرفتاري ڏيڻ گهرجي ها پر اهو ڪم ته بهادر ماڻهو ڪندا آهن. لنڊن ۾ صحافين سان گفتگو دوران صحافي نواز شريف کان سوال ڪيو ته ڇا عمران خان کي وقار سان گرفتاري ڏيڻ گهرجي ها؟ جنهن تي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته عمران خان کي وقار جي مطلب جي به خبر ناهي، وقار عمران خان جي ڀرسان به ناهي گذريو. هن چيو عمران خان کي ته پاڻ گرفتاري ڏيڻ گهرجي ها پر اهو ڪم ته بهادر ماڻهو ڪندا آهن.هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ نوازشريف چيو ته توشا خانا جو عمران خان کان پڇو، جنهن چوري ڪئي آهي.