اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي پروڊڪشن آرڊر تي اليڪشن ڪميشن ۾ پيش نه ڪيو ويو. پنجاب، اسلام آباد پوليس ۽ گهرو وزارت چيو ته سيڪيورٽي رسڪ آهي، پيش نٿا ڪري سگهون، گهرو وزارت چيو ته اليڪشن ڪميشن اڊيالا جيل وڃي ڪيس جي ٻڌڻي ڪري. ميمبر اليڪشن ڪميشن چيو ته گهرو وزارت جي سيڪريٽري کي ايندڙ ٻڌڻيءَ تي گهرايو وڃي، اسان کي ڪيئن ٿو چوي ته اسان اڊيالا جيل وڃي ڪيس جي ٻڌڻي ڪريون. هڪ قيدي کي سيڪيورٽي نٿا ڏئي سگهو ته ايندڙ اليڪشن ڪيئن ڪرائيندا. اليڪشن ڪميشن ۾ عمران خلاف توهين اليڪشن ڪميشن ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، اي آءِ جي پنجاب آپريشن ڊاڪٽر اسد اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيو ۽ اليڪشن ڪميشن کي پروڊڪشن آرڊر تي رپورٽ ڏيندي چيو ته اڊيالا جيل راوالپنڊِي اهڙي علائقي ۾ آهي جتي سيڪيورٽي خدشا آهن، عمران جي جان کي خطرو آهي، اليڪشن ڪميشن ۾پيش ڪرڻ ممڪن ناهي، سيڪريٽري عمر حميد چيو ته گهرو وزارت ۽ پوليس طرفان به اهو ئي خط مليو ته پيش نٿا ڪري سگهو، رپورٽ مطابق ٿريٽ الرٽ آيا آهن، اڊيالا جيل جي حوالي سان به ٿريٽ آهن، اليڪشن ڪميشن کي ته پاڻ سيڪيورٽي خدشا آهن. هاڻي وزارت داخلا کي هدايت ڪري سگهون ٿا ته هو پيرا ملٽري فورسز ڏئي. شعيب شاهين چيو ته هڪ ماڻهو کي گهرائڻ لاءِ به فوج ۽ رينجرز کي گهرائڻو پئجي رهيو آهي. ميمبر اليڪشن ڪميشن چيو ته اسان ڪيئن جيل وڃون، هڪ قيدي کي هاڻي سيڪيورٽي نٿا ڏئي سگهو ته ايندڙ اليڪشن ۾ ڇا ڪندوَ. چيئرمين تحريڪ انصاف جي وڪيل شعيب شاهين چيو ته هاڻي هن ڪيس خارج ڪري ڇڏيو، مان ذاتي طور تي چوان ٿو ته اڳتي هاڻي ڪجهه به چونداسين. ميمبر اليڪشن ڪميشن چيو ته چيئرمين تحريڪ انصاف کان لکرائي اچو ته معذرت ڪريان ٿو، اختلاف راءِ جو حق آهي گار گند جو حق ناهي. اليڪشن ڪميشن گهرو سيڪريٽري کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪندي ٻڌڻي 13 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) توهين اليڪشن ڪميشن ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر ڪيس ۾ فواد چوڌري ۽ اسد عمر اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيا، فواد چوڌري چيو ته لکت ۾ معافي نامو ڏيان ٿو، اسد عمر چيو ته مان ڪافي مٺيون ڳالهيون ڪندڙ آهيان ڪير يقين ئي نه ڪندو ته توهين آميز ڳالهه ڪئي آهي. ميمبر اليڪشن ڪميشن چيو ته فواد چوڌري ته چيو ان جي پارٽي لائين هئي، ان لائين تي ته هو پاڻ ئي ناهي. لائين ڳولهيو، آهي به يا نه. فواد چوڌري چيو ته اسان پاڻ لائين ڳولهي رهيا آهيون. اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي 13 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.