اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي عهدي تان هٽائڻ لاءِ ڪيس جي ٻڌڻي 9 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. چيئرمين تحريڪ انصاف کي عمران خان کي پارٽي عهدي تان هٽائڻ واري درخواست جي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ پنج رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي. ميمبر ڪميشن وڪيل بيريسٽر گوهر کي چيو ته اوهان جي پاور آف اٽارني ڪٿي آهي. بريسٽر گوهر چيو ته ڌر ڄاڻايل عمران خان جيل ۾ آهي خميس کان علاوه ملاقات ڪرڻ ناهي ڏني ويندي. ايندڙ ٻڌڻي تي جواب داخل ڪرائيندس. اليڪشن ڪميشن اهڙي طرح ڪيس جو اڳ به فيصلو ڪري چڪي آهي. جنهن بعد اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي 9 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.