اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ ۾ وفاقي وزير شيري رحمان پاران عمران خان کي هٽلر سان ڀيٽڻ تي پي ٽي آءِ ميمبرن جو احتجاج، گوڙ، هنگامو، اپوزيشن سنڌ ۾ ٻوڏ جي بيٺل  پاڻي جو ذميوار سنڌ حڪومت ۽ سنڌ صوبي جي انتظاميا کي قرار ڏئي ڇڏيو آهي، تفصيل موجب سينيٽ جو اجلاس سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ موسمي تبديلن بابت وفاقي وزير شيري رحمان خطاب ڪندي چيو ته ٻوڏ۾ 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن، 2 ڪروڙ ماڻهو سخت ضرورت مند آهن، هي ٻوڏ 2010 جي مها ٻوڏ کان به وڏي ٻوڏ آهي، ورلڊ بينڪ پاڪستان جي ٻوڏ نقصانن جو ڪاٿو 40 ارب ڊالر لڳايو آهي، ان کان وڌيڪ نقصان ٿيا آهن، 17 سئو جانيون ضايع ٿيون آهن، 13 هزار ڪلوميٽر روڊ تباهه ٿيا آهن، 436 پليون تباهه ٿي ويون آهن، هن وقت 1971ع کان پوءِ پاڪستان تي تمام سخت وقت آهي، اهڙين حالتن ۾ به هڪ اپوزيشن اڳواڻ فاشسٽ هٽلر وانگر ڪارڪنن کان حلف وٺي رهيو آهي، جنهن تي پي ٽي آءِ جي ميمبرن سيٽن تي بيهي گوڙ شروع ڪري ڏنو، ڪتابن سان ڊيسڪون وڄائي احتجاج ڪندا رهيا، شيري رحمان گوڙ ۾ به تقرير جاري رکندي چيو ته ڪجهه ماڻهن کي ته ميلن تائين تدفين لاءِ به خشڪ زمين نه ملي رهي آهي، ماڻهو تڙپي رهيا آهن، پي ٽي آءِ وارا ڪارڪنن کان حلف وٺي رهيا آهن، هنن کي شرم اچڻ گهرجي،  هي جلسا ڪري رهيا آهن، هنن حالتن ۾ به لانگ مارچ ڪرڻ چاهين ٿا، شيري رحمان جي تقرير جو جواب ڏيندي اپوزيشن ليڊر شهزاد وسيم چيو ته هنن جو ڪم رڳو هڪ جهاز تان لهي ٻئي جهاز تي ويهڻ آهي، سنڌ پاڻي ۾ هنن جي ڪرپشن سبب ٻڏل آهي، بند ڏئي سنڌ ۾ پاڻي جو رخ تبديل ڪيو ويو، سنڌ صوبي جي تباهي جي ذميوار سنڌ جي انتظاميا ۽ حڪومت آهي، سنڌ ۾ پاڻي جي گذر جا رستا بند ڪيا ويا، سنڌ پاڻي سان نه پر هنن جي ڪرپشن ۾ ٻڏي آهي، سنڌ ۾ عام ماڻهن جي زمينن ۾ ٻوڏ آئي آهي، وڏيرن جي زمينن ۾ پاڻي ناهي، هي ڪشڪول کڻي دنيا ۾ ڦرن ٿا ان مان به مال ڪمائين ٿا، پيپلزپارٽي جي سليم مانڊوي والا چيو ته پي ٽي آءِ وارن ڪارڪنن کان حلف ورتو جيڪو سڄي دنيا ڏٺو آهي ان تي گوڙ ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي، بلوچستان مان چونڊيل سينيٽر دنيش ڪمار چيو ته ملڪ ۾ آفت آيل آهي ، هڪ ٻئي جا پير ڪڍيا پيا وڃن ان صورتحال تي مون کي شرم اچي رهيو آهي مان پنهنجي سياسي قيادت کي چوان ٿو ته پنهنجي نبي جي واسطي هن صورتحال ۾ متحد ٿي وڃو، آڊيو ليڪس وانگر بلوچستان جي متاثر ماڻهن جون آهون ۽ سڏڪا ليڪ ڪيا وڃن، عمران خان ٻوڏ متاثرن لاءِ فنڊ گڏ ڪيا آهن انهن مان هڪ ارب رپيا بلوچستان جي ٻوڏ متاثرن کي ڏئي، بلوچستان جي سينيٽر ثنا جمالي چيو ته سنڌ جي لاڙڪاڻي ٻين ضلعن توڙي بلوچستان جي شهرن مان ڇهن مهينن تائين پاڻي نه نڪرندو، چونڊون ڪرايون وينديون ته ڇا اسان ٻيڙين تي وڃي ووٽ ڏينداسين، هن وقت اسان کي چونڊون ۽ حڪومت نه گهرجي، متاثرن جي بحالي گهرجي، پي ٽي آءِ جي فيصل جاويد چيو ته ڪابينا ۾ وزيرن جو تعداد 75 کان وڌيڪ آهي، دنيا جي وڏي مان وڏي ڪابينا قائم ڪئي وئي آهي، جلد عمران خان وزيراعظم جو حلف کڻندو، جنهن تي هنن کي وڌيڪ تڪليف ٿيندي، هن حڪومت جي وڃڻ جا ڏينهن اچي ويا آهن، 75 وزيرن مان 5 ته ايوان ۾ اچن.