اسلام آباد(بيورو رپورٽ) گهرو مامرن جي وفاقي وزير رانا ثناءِ الله چيو آھي ته عمران خان ملڪ اندر هنگاما، فتنو، فساد ڦهلائڻ، وفاق مٿان هٿاربند ٿي حملا ڪرڻ سوڌو ٻن درجن ڪيسن ۾ جوابدار  نامزد ٿيل  آھي، عدالتي ضمانت ختم ٿيڻ بعد عمران خان کي سڪيورٽي لاءِ فراهم ڪيل اهلڪار ئي کيس گرفتار ڪري وٺندا. جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته عمران نيازي کي بني گالا اسلام آباد واپس اچڻ تي ڀليڪار چئون ٿا، قانون مطابق عمران نيازي کي سڪيورٽي فراهم ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته ملڪ ۾ فساد في الارض برپا ڪرڻ وارو اهو شخص جيڪو اخلاقي ۽ جمهوري قدرن کان بلڪل عاري هجي ۽ پنهنجي مخالفن کي ڪڏهن غدار ۽ ڪڏهن يزيد چئي پڪاريندو هجي اهو ڪيئن هڪ جمهوري معاشري ۾ هڪ سياسي پارٽي جو سربراهه ٿي سگهي ٿو، اهو پوري قوم لاءِ فڪر جو لمحو آھي.