ڪراچي(م ڊ) ناليواري تجزياڪار منيب فاروق دعويٰ ڪئي آهي ته عمران خان کي سپريم ڪورٽ مان حڪم ملڻ بعد ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو وڃي ها پر چيف جسٽس کيس سپريم ڪورٽ جو مهمان بڻائي ڇڏيو آهي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته عمران کي عدالت مان نڪرڻ بعد گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو پر هاڻ هو عدالت جو مهمان آهي ۽ سپريم ڪورٽ کيس بچائي ورتو آهي. هن چيو آهي ته اهو اهم آهي ته هاڻ ڇا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وارنٽ جو ميرٽ تي فيصلو ڪري سگهندي يا نه؟