اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان جي سمورن ڪيسز ۾ 17مئي تائين ضمانت منظور ڪري ورتي، 9 مئي بعد داخل ڪنهن به ڪيسز ۾ گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم، عدالت ايم پي او تحت به گرفتاري کان روڪي ڇڏيو، عدالت اهو به حڪم ڏنو ته جنهن ڪيس جو عمران کي علم ناهي ان ڪيس ۾ به گرفتار نه ڪيو وڃي،  القادر ٽرسٽ ڪرپشن ڪيس ۾ 2 هفتن تائين ضمانت منظور، جسٽس ميان گل حسن رمارڪس ۾ چيو ته رياست عمران خان جي سيڪيورٽي يقيني بڻائي، عمران خان واضح ڊڪليئريشن ڏئي ته هو پرتشدد واقعن جي مذمت ڪندو، تفصيل موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ عمران خان جي 24 کان وڌيڪ ڪيسز ۾ ضمانت جي درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمود جهانگير ۽ جسٽس سردار اعجاز تي مشتمل ڊويزن بينچ لاهور جي ٿاڻي ۾ داخل دهشتگردي جي 3 ڪيسن ۽ ظل شاهه قتل ڪيس ۾ سومر تائين گرفتاري کان روڪيندي 9 مئي بعد داخل ڪيسز ۾ به گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ عمران جي 10 ڏينهن لاءِ يعني 22 مئي تائين ضمانت منظور ڪندي عدالت هدايت ڪئي ته جنهن ڪيس جو عمران کي علم نه هجي ان ڪيس ۾ به عمران کي گرفتار نه ڪيو وڃي، عمران جي وڪيل استدعا ڪئي ته لاهور زمان پارڪ پهچڻ تائين اسان کي گرفتار نه ڪيو وڃي، عدالت رمارڪس ڏنا ته سومر تائين اوهان کي پروٽيڪشن ڏئي رهيا آهيون تيستائين اوهان لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو، عدالت لاهور ۾ داخل دهشتگردي جي 3 ڪيسز ۽ ظل شاهه قتل ڪيس ۾ عمران خان جي 10 ڏينهن لاءِ ضمانت منظور ڪئي ۽ سومر تائين ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتار نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي، ان ڪيسز ۾ لاهور ها ءِڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي. ان کان اڳ القادر ٽرسٽ ڪيس سوڌو عبوري ۽ حفاظتي ضمانت جي 4 درخواستن کي منظور ڪندي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ القادر ٽرسٽ ڪرپشن ڪيس ۾ ٻن هفتن لاءِ عمران خان جي ضمانت منظور ڪئي ورتي، عدالت 17 مئي تائين اڳوڻي وزيراعظم کي ڪنهن نئين ڪيس ۾ به گرفتار نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي، عدالت حڪم ڏنو ته 9 مئي بعد داخل ڪيسن ۾ عمران خان کي گرفتار نه ڪيو وڃي. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي حڪم تي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو، وڪيلن دليل ڏنا، عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان جي ٻن هفتن لاءِ ضمانت منظور ڪري ورتي. عمران جي گرفتاري خلاف درخواست تي ٻڌڻي لاءِ چيف جسٽس عامر فاروق خصوصي ڊويزن بينچ جوڙي، ميان گل حسن اورنگزيب جي سربراهي ۾ جسٽس ثمن رفعت امتياز تي ٻڌل ڊويزن بينچ القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ عمران خان جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. هاءِ ڪورٽ نيب کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو. عدالت عمران کي گرفتاري کان روڪي ڇڏيو، جسٽس گل حسن اورنگزيب نيب پراسيڪيوشن کي چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي اسان دليل ٻڌي ضمانت منظور  يا رد ڪرڻ جو فيصلو ڪنداسين ،ايندڙ ٻڌڻي تي مڪمل تياري ڪري اچجو. عمران جي وڪيل خواجه حارث ٻڌايو ته القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ انڪوائري جي ڪاپي ملي وئي آهي. بشريٰ بي بي جي ڪيس ۾ به انڪوائري رپورٽ ملي وئي آهي. عمران جي وڪيل خواجا حارث دليل ڏنا ته عمران خان کي 9 مئي تي بائيو ميٽرڪ برانچ مان گرفتار ڪيو ويو، جهڙي ريت القادر ٽرسٽ جي انڪوائري کي اوچتو انويسٽيگيشن ۾ تبديل ڪيو ويو، ان جو مقصد عمران خان کي فوري طور گرفتار ڪرڻ هو، انڪوائري ۾ جيڪڏهن مٽيريل هجي، نيب تڏهن ئي ان کي انويسٽيگيشن ۾ تبديل ڪري سگهي ٿو. ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد بيرسٽر جهانگير جدون چيو ته پرتشدد واقعن سبب آرٽيڪل 345 تحت فوج کي طلب ڪيو ويو آهي، هاءِ ڪورٽ هيئن ڪيس نٿي ٻڌي سگهي، رٽ پٽيشن ۾ هي معاملو هاءِ ڪورٽ آڻڻ جو جو جواز ناهي ان لاءِ متبادل فورم موجود آهي. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب پڇاڻو ڪيو ته ڇا هتي مارشل لا لڳي ويو آهي؟ ڇا آرٽيڪل 245 جي هوندي اسان سڀني رٽ پٽيشنز تي ٻڌڻي روڪي ڇڏيون؟  نيب پراسيڪيوٽر اعتراض ڪيو ته عمران خان ڪڏهن به نيب سامهون پيش نه ٿيو، جڏهن ته سندس شريڪ جوابدارن انڪوائري جوائن ڪري ورتي. عدالت عمران خان جي ٻن هفتن لاءِ عبوري ضمانت منظور ڪندي نيب کي گرفتاري کان روڪي ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو ته عمران خان کي 15 مئي سومر تائين ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتار نه ڪيو وڃي. هاءِ ڪورٽ نيب کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو ۽ عمران خان کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت لکت ۾ حڪنامو جاري ڪيو، جنهن ۾ عدالت ڪرمنل ڪيسز، 9 مئي بعد داخل ڪيسز، ايم پي او وغيره تحت گرفتاري کان روڪي ڇڏيو، عدالت حڪم ڏنو ته ڪنهن ٻئي ڪرمنل ڪيس ۾ به گرفتار نه ڪيو وڃي.