واشنگٽن(م ڊ) آمريڪا جي حڪمران پارٽي ريپبلڪن جي ڪانگريس ميمبر جو ولسن اعلان ڪيو آهي ته عمران خان کي سزا ڏيڻ تي پاڪستان جي حڪومت جي ذميوارن تي پابندي لڳائي ويندي جنهن لاءِ ايڪٽ تيار ڪري رهيا آهيون. هڪ بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان ڊيموڪريسي ايڪٽ جو مسودو تيار ڪري رهيا آهيون، جنهن جو مقصد پاڪستان جي انهن ماڻهن تي پابندي لڳائڻ آهي جيڪي عمران خان خلاف ڪيس ۽ قيد جا ذميوار آهن. هو آمريڪا جي پرڏيهي ۽ آرمڊ سروسز ڪميٽين جو سربراهه به آهي.