اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ سائفر ٽرائل 11 جنوري تائين روڪي ڇڏيو. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ريمارڪس ڏنا ته عدالت وٽ ھڪ سپروائزري آھي، بند دروازن جي پٺيان ٿيندڙ ٽرائل متعلق اٿندڙ سوالن جو جائزو وٺڻو آھي. عدالت چيو ته سائفر ڪيس جهڙي نموني هلي ٿو، اُن تي فڪر آهي، اوپن ٽرائل اهو ناهي ته ڪنهن کي اچڻ ڏيو ۽ ڪنهن کي روڪيو، جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب سائفر ڪيس ۾ ٽرائل، فرد جرم ۽ ان ڪئمرا ٻڌڻي خلاف درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب رمارڪس ڏيندي چيو ته ٻن سوالن جا جواب گھرجن، اوپن ٽرائل جو چيو ته ان ڪئمرا ٻڌڻي ڇو ٿي؟، فيملي جي ميمبرن ۽  ميڊيا کي جيل ۾ عدالتي ڪمري ۾ وڃڻ جي اجازت ھئي ته پوءِ درخواست ڪيئن آئي؟ اٽارني جنرل چيو ته پوري ڪيس کي ان ڪئمرا ناھي رکيو ويو، ڪجهه گواھن جا بيان قلمبند ڪرڻ دوران ميڊيا کي ٻاھر رکيو ويو، اٽارني جنرل عدالت کي آگاهه ڪندي چيو ته ميڊيا کي اجازت آهي، جيڪو چاهي وڃي سگهي ٿو، عدالت چيو ته اِن حوالي سان باضابطا آرڊر هجڻ گهرجي، خصوصي عدالت جي جج ۽ پراسيڪيوٽر کي اوپن ٽرائل جي اهميت جي خبر ئي ناهي، جوابدار کي آزادي ملي هجي يا نه، پر سپريم ڪورٽ مان ضمانت ٿي چڪي آهي، البته ٽرائل هلي رهيو آهي، جسٽس گل حسن اورنگزيب چيو ته اهو اوپن ٽرائل ته ناھي، ائين ناھي ٿيندو ته اوھان پنھنجي مرضيءَ سان چئو اچو ۽ اوھان وڃون، اٽارني جنرل چيو ته ٽن گواھن جو تعلق پرڏيھي وزارت سان ھيو، جج رمارڪس ڏنا ته سمجھو ڇو نٿا ته اوپن ٽرائل ڇا ٿيندو، ڪڏھن ڪڏھن چڱو ڀلو ڪيس ھوندو آھي پوءِ ان کي خراب ڪيو ويندو آھي. وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته جن ٽن گواھن جا بيان ڳجھا رکڻ جو چيو ويو اھي انٽرنيٽ تي موجود آھن، سرٽيفائيڊ ڪاپي پبلڪ ڊاڪيومينٽ ھوندي آھي، جسٽس گل حسن اورنگزيب چيو ته ھتي ڪيس آھي، چارج به، شاھد ۽ جوابدار به آھن، سپريم ڪورٽ ڪيس جي فيصلي ۾ مواد ناقافي قرار ڏنو آھي. جنھن بعد عدالت سائفر ڪيس جو ٽرائل روڪيندي ڪيس جي ٻڌڻي 11 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.