اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نگران حڪومت جي نگراني هيٺ خوفناڪ نظام هلي رهيو آهي، چونڊ مشاورت جي اجازت به نه آهي، ڇا نگران حڪومت چونڊن کي پٽڙيءَ تان لاهڻ گهري ٿي؟ چونڊن لاءِ مشاورت جي اجازت بنيادي حق آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيئرمين پي ٽي آءِ بيرسٽر گوهر ۽ ٻين وڪيلن کي باني پي ٽي آءِ سان ملاقات ڪرائڻ جي درخواست منظور ڪندي عمران سان چونڊن بابت مشاورت جي اجازت ڏئي ڇڏي،  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ  پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر کي پي ٽي آءِ جي باني سان ملاقات ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب رمارڪس ۾ وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جي اڳوڻي ۽ هاڻوڪي چيئرمين جي مشاورت ۾ مخالفت سان نگران حڪومت جي غير جانبداري تي سوال اٿي ٿو، ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ جي وڪيل شعيب شاهين چيو ته پارٽيءَ جي 7 سئو ٽڪيٽس جي ورڇ بابت پي ٽي آءِ جي باني سان مشاورت گهربل آهي، ايڊيشنل اٽارني جنرل ۽ ايڊوڪيٽ جنرل درخواست جي ٻڌڻ جوڳو هئڻ جي مخالفت ڪئي، جنهن تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جسٽس ميان گل حسن چيو ته ڇا سپريم ڪورٽ مان آيل اضافي نوٽ توهان لاءِ ڪافي نه هو؟ سپريم ڪورٽ کانپوءِ ڇا توهان مون کان به پنهنجو اختلافي نوٽ لکرائڻ چاهيو ٿا؟ ايڊوڪيٽ جنرل ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل حڪومت جي نمائندگي ڪري رهيا آهن، هنن کي اڻ ڌريو رهڻ گهرجي، عدالت اڊيالا جيل جي سپرنٽنڊنٽ جي نگراني ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ وڪيلن کي پي ٽي آءِ جي باني سان ملاقات ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين کي باني پي ٽي آءِ سان مشاورت جي اجازت ڏئي ڇڏي، عدالت هدايت ڪئي ته جيل سپرنٽينڊنٽ يقيني بڻائي ته ٻنهي جي ملاقات عليحدگي ۾ ٿئي.