اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي گهر واري مڙس جي سيڪيورٽي ۽ تحفظ کي يقيني بنائڻ لاءِ عدالت ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي، بشريٰ بي بي وڪيل لطيف کوسه ذريعي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي جنهن ۾ گهرو وزارت، دفاع واري وزارت، قانون واري وزارت جي سيڪريٽريز، آءِ جي جيلز خانه جات، سپرنٽينڊنٽ اڊيالا جيل، ڊي جي انٽيليجنس بيورو ۽ ڊي جي ايف آءِ اي کي ڌر بڻايو ويو. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي جيل ۾ خوراڪ ذريعي زهر ڏئي سگهجي ٿو، امڪان آهي ته منهنجي مڙس کي جيل ۾ ماني ذريعي زهر ڏنو ويندو. درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته منهنجي مڙس کي جيل مينوئل موجب اهي سهولتون نه پيون ڏنيون وڃن جنهن جو هو حقدار آهي. مڙس سان جيل ۾ غير انساني سلوڪ آئين جي آرٽيڪل 9 ۽ 14 جي ڀڃڪڙي آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين کي جيل ۾ واڪ ۽ ايڪسرسائيز جي سهولت ڏني وڃي. کيس گهر جي ماني جي به اجازت نه ڏني وئي آهي جيڪا ماضي ۾ قيدين کي سهولت ڏني وئي. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جيل ۾ سيڪيورٽي ۽ تحفظ کي يقيني بنائڻ جا قدم کنيا وڃن. ذميوار ميڊيڪل آفيسر جي ذريعي خالص خوراڪ جي فراهمي کي يقيني بنايو وڃي ڇو ته ملاوٽ ٿيل خوراڪ مڙس جي زندگي کي نقصان پهچائي سگهي ٿي. درخواست ۾ وڌيڪ استدعا ڪئي وئي آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين انڊر ٽرائيل قيدي آهي ۽ جوابدار ڏوهه ثابت ٿيڻ تائين بي ڏوهي  هوندو آهي ان ڪري جيل ۾ سهولتن جي فراهمي بابت عدالتي حڪم تي عمل ڪرايو وڃي.