اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان ۾ پيٽرول جي وڌندڙ قيمتن ۽ مهانگائي خلاف  اڳوڻي وزيراعظم ۽ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان آچر ڏينهن سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو آهي. عمران خان احتجاج جو سڏ ڏيڻ سان گڏوگڏ آچر جي رات ڏهين وڳي قوم سان خطاب ڪرڻ جو اعلان به ڪيو آهي. هن خبردار ڪندي چيو هو ته تيل جا اگهه اڃا وڌندا،  جنهن تي ڳالهائڻ چاهيان ٿو، حڪمت عملي ڏيڻ چاهيان ٿو ته قوم جي حيثيت سان اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي، ڇا اسان کي چپ ويهڻ گهرجي يا آواز اٿارڻ گهرجي؟ قوم سامهون حقيقتون رکڻ چاهيان ٿو، سچ نه لڪندو، سچ سامهون ايندو. هي به پڙهي سگهو ٿا: عمران خان مهانگائي خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو ان حوالي سان ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته عمران خان آچر ڏينهن قوم سان خطاب ۾ وڏو راز فاش ڪرڻ وارو آهي. ٻه کان وڌيڪ صحافين جي دعويٰ آهي ته حڪومت کي رپورٽ پيش ڪئي وئي آهي ته عمران خان قوم سان خطاب ۾ وڏو راز فاش ڪندو، کيس روڪڻ جي ڪوشش جاري آهي. دعويٰ موجب حڪومت کي رپورٽ ڏني وئي آهي ته عمران خان تمام وڏو بيان ڏيڻ وارو آهي، جنهن بابت خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته اهو سيڪرٽ ايڪٽ جي دائري ۾ اچي ٿو، جيڪڏهن ائين ٿيو ته سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.