لاهور(م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي سربراهه نواز شريف چيو آهي ته باني پي ٽي آءِ پُٺيءَ ۾ ڇُرو ٽُنبيو، گڏ هلڻ جي خاطري ڪرائي پوءِ طاهر القادري ۽ ظهير الاسلام سان لنڊن وڃي اسان جي حڪومت خلاف سازش جو ڄار وڇائي ڇڏيو، 3 شخص ڪيئن تاحيات نااهل ڪري سگهن ٿا، مون وٽ ثاقب نثار جي آڊيو آهي، جسٽس مظاهر خلاف ڪيس ٿيڻ گهرجي، سزاءِ موت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، هڪ چونڊيل وزيراعظم کي هٽايو ويو ۽ عوام خاموش ويٺي رهي، سياستدانن جو ته احتساب ٿيو باقي ماڻهن ۽ انهن ججز جو به احتساب ٿيڻ گهرجي جن ناانصافي ڪئي، مسلم ليگ (ن) جي سينٽرل ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته 6 شخص ويهي ڪري 25 ڪروڙ عوام جي نمائندي کي ڪيئن تاحيات نااهل ڪري سگهن ٿا، مون کي نااهل به پٽ کان 10 هزار درهم پگهار نه وٺڻ تي ڪيو ويو. مون کي رڳو حڪومت تان ڪڍڻ تائين نه رُڪيا پارٽي صدارت تان به هٽايو ويو، توهان کي مون کي پارٽي صدارت تان هٽائڻ جو ڇا اختيار آهي؟ نيب کي 6 مهينن ۾ جعلي ڪيس جو فيصلوڪرڻ جو چيو ويو، اعجاز الاحسن کي مانيٽرنگ جج لڳايو، مظاهر نقوي ايتري ملڪيت ٺاهي، ان کي به نيب ۾ وجهڻ گهرجي. نواز شريف وڌيڪ چيو ته جلاوطني کانپوءِ واپس آيس، 2013 ۾ حڪومت اچڻ کان پوءِ سڀ کان پهرين باني پي ٽي آءِ سان ملڻ بني گالا ويو هيس، باني پي ٽي آءِ کي چيو ته 35 پنڪچرز والي ڳالهه درست ناهي، ملڪ خاطر گڏ هلجي، ان کانپوءِ باني پي ٽي آءِ، طاهر القادري ۽ ظهير الاسلام لنڊن ويا، جتي منهنجي حڪومت خلاف سازشن جو ڄار وڇايو ويو، 2014 واري ڌرڻي خلاف پوليس کي استعمال ڪرڻ کان مون روڪيو، هن چيو ته چيني صدر چيو ته مسٽر نواز شريف سي پيڪ توهان جي لاءِ چين جو تحفو آهي. ن ليگ سربراهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان نه چاهيون ها ته 2013 ۾ خيبرپختونخواهه ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت نه ٺهي ها، مون فضل الرحمان کي چيو ته سنگل لارجسٽ پارٽي کي حڪومت بڻائڻ ڏيو، فضل الرحمان ان وقت ئي چيو ته توهان جو اهو فيصلو صحيح ثابت نه ٿيندو، ۽ واقعي ائين ئي ٿيو. نواز شريف وڌيڪ چيو ته جڏهن مان جلاوطن هيس ته ان وقت اسان جي ماڻهن مٿان ظلم ڪيو ويو. ڪوڙا ڪيس ڪيا ويا، گرفتاريون ڪيون ويون، ن ليگ جا ماڻهو آزمائش جي بٺي مان گذريا، اهي سون ۾ تورڻ جي لائق آهن. ڇا سبب هو جو 93 ۾ اسان جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو. 93 ۾ اسان کي روڪيو نه وڃي ها ته ملڪ ٽيڪ آف ڪري چڪو هجي ها، ان وقت موٽر وي ٺهي رهيا هئا معيشت ترقي ڪري رهي هئي. نواز شريف جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان کي ايٽمي قوت اسان بڻايو، 5 ارب ڊالرن جي آڇ رد ڪندي ايٽمي ڌماڪا ڪرڻ جو صحيح فيصلو ڪيو. ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻائڻ جو سلو اهو مليو ته وزيراعظم کي هاءِ جيڪر بڻايو ويو. هڪ وزيراعظم کي ان وقت موت جي سزا ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.  پاڪستان کي تباهه ڪندڙن جو احتساب ٿيڻ گهرجي، ملڪ کي ايٽمي قوت بڻائڻ جو نتيجو اهو نڪتو ته ملڪ ۾ مارشل لا هنيو ويو، ان کانپوءِ جعلي ڪيس ڀوڳيا ۽ سزا ٻڌائي وئي، 70 سالن جي تاريخ واقعن سان ڀري پئي آهي