پشاور(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي چيو آهي ته 24 نومبر تي پاڪستان جو هر طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهو احتجاج ۾ حصو وٺندو، هي رڳو عمران خان جي جنگ ناهي پر ملڪ لاءِ حقيقي آزادي جي جنگ آهي، پنهنجي پهرين وڊيو پيغام ۾ هن چيو ته پوري ملڪ جو عوام نڪرندو ته ڪاميابي اسان جو مقدر بڻجندي، ادارن کي ٻڌائڻ ٿي چاهيان ته باني پي ٽي آءِ طاقت ۾ اچي ڪنهن کان به بدلو وٺڻ جي خواهش نٿو رکي، جيل ۾ هن سکيو آهي ته طاقت ۾ اچي ڪري معافي جا در کليل رهندا. عمران جي گهرواري وڌيڪ چيو ته اسين ورڪرز کي جهاد جا نعرا هڻڻ جو نه چيو هو، جهاد جو نعرو ڪارڪنن جي دلين مان پاڻ نڪري ٿو.  بشريٰ بي بي چيو ته عمران خان جڏهن پيرين اگهاڙي مديني ويو ته واپسي تي جنرل (ر) باجوه کي فون ڪالز اچڻ شروع ٿيون ۽ چيو ويو ته ڇا کڻي آيا آهيو؟ ڪنهن کي وٺي آيا آهيو؟ اسين هن ملڪ ۾ شريعت جو نظام ختم ڪرڻ لڳا آهيون ته توهان شريعت جا ٺيڪيدار کڻي آيا آهيو. ان کانپوءِ عمران کي يهودين جو ايجنٽ چوڻ شروع ڪيو ويو. اهي ڳالهيون باني پي ٽي آءِ ڪڏهن به سرعام ناهن ڪيون. جيڪڏهن اهي ڳالهيون غلط آهن ته اڳوڻي آرمي  چيف ۽ ان جي خاندان کان پڇيو وڃي، ڇاڪاڻ جو باني پي ٽي آءِ کي اهي ڳالهيون ڪنهن ٻڌايون هيون. بشريٰ چيو ته پي ٽي آءِ باني جو حڪم آهي سڀ 24 نومبر واري احتجاج جو حصو بڻجن، ڪنهن به صورت احتجاج جي تاريخ تبديل نه ٿيندي، باني پي ٽي آءِ جيستائين اعلان نٿو ڪري، احتجاج ملتوي نه ٿيندو